Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مون گارڊن جي رهائشين کي روڊن تي ويهاري ڪري انهن جي توهين ڪئي پئي وڃي. وسيم اختر


مون گارڊن جي رهائشين کي روڊن تي ويهاري ڪري انهن جي توهين ڪئي پئي وڃي. وسيم اختر
 Posted on: 11/13/2015
مون گارڊن جي رهائشين کي روڊن تي ويهاري ڪري انهن جي توهين ڪئي پئي وڃي. وسيم اختر
ايم ڪيو ايم جي وڪيلن مون گارڊن جي معاملي تي 18 نومبر تائين اسٽي آرڊر ورتو آهي. محفوظ يار خان
مون گارڊن جي دوري جي موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 13 نومبر 2015
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي وفد مون گارڊن جو دورو ڪيو ۽ رهائشين سان تفصيلي ملاقات به ڪئي.  وفد ۾ ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو انچارج وسيم اختر، ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر محفوظ يار خان، اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي، ثمن جعفري، ڊاڪٽر نگهت شڪيل ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي وسيم اختر چيو ته ڪراچي جي رهائشين کي روڊن تي ويهاري ڪري انهن جي توهين ڪئي وئي آهي. مون گارڊن جي رهائشين کي ڪراچي جو شهري هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي پر ڪراچي جا رهڻ وارا بي سهارا نه آهن. ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ ان ڪيس جي اختتام تائين هتان جي رهائشين کي ڪنهن به پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي محفوظ يار خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي وڪيلن مون گارڊن جي معاملي تي 18 نومبر تائين اسٽي آرڊر ورتو آهي. انشاء الله تعالٰي اسان مون گارڊن جي رهائشين کي انهن جا گهر واپس ڏيارڻ جي لاءِ آخري وقت تائين محنت ڪنداسين. ان موقعي تي متاثرن ايم ڪيو ايم جي طرفان انهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو. 


7/18/2024 6:30:39 AM