Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

19 نومبر جو سج ايم ڪيو ايم جي مخالفن جي شڪست جو پيغام ڏيئي ڪري ئي لهندو. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني


19 نومبر جو سج ايم ڪيو ايم جي مخالفن جي شڪست جو پيغام ڏيئي ڪري ئي لهندو. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني
 Posted on: 11/13/2015
19 نومبر جو سج ايم ڪيو ايم جي مخالفن جي شڪست جو پيغام ڏيئي ڪري ئي لهندو. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب
حيدرآباد: 13 نومبر 2015 
19 نومبر جو سج ايم ڪيو ايم مخالفن جي شڪست جو پيغام ڏيئي ڪري ئي لهندو. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ يوسي 24 ۽ 25 ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته قيام پاڪستان کان وٺي ڪري اڄ تائين موروثي حڪمرانن عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجھھ به نه ڏنو آهي ۽ اڄ پاڪستان دنيا جي تمام پٺتي پيل ملڪن ۾ ڄاتو وڃي ٿو. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 19 نومبر تي حق پرست اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ان کان علاوه حق پرست قومي اسيمبلي ميمبر ريحان هاشمي لطيف آباد ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ وارا بي وقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسي جو فڪر و فلسفو ملڪ جي مظلوم عوام جي تقدير بدلي ڇڏيندو ۽ پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. ان کان علاوه حق پرست سنڌ اسيمبلي ميمبر جمال احمد پريت آباد يوسي 13 ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم سڄي پاڪستان جي مظلوم عوام جي لاءِ هڪ خوبصورت گلدستو آهي ۽ ان گلدستي ۾ سامل عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪري پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي لائين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

7/18/2024 6:20:15 AM