Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ عوام پنهنجي مينڊيٽ جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي مخالفن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين


مڪاني اليڪشن ۾ عوام پنهنجي مينڊيٽ جي ذريعي ايم ڪيو  ايم جي مخالفن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
 Posted on: 11/13/2015
مڪاني اليڪشن ۾ عوام پنهنجي مينڊيٽ جي ذريعي ايم ڪيو  ايم جي مخالفن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.
ايم ڪيو ايم نواب شاھ ۾ سياسي مخالفن کي شڪست ڏيئي ڪري نواب شاھ جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪندي.رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان ۽ اسلم آفريدي.نواب شاھ ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
نواب شاھ: 13 نومبر 2015 
 جنرل اليڪشن 2013 ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي رتو رت ڪري شهيد ڪيو ويو پر اسان انتقام تي يقين نه ٿا رکون ۽ اسان عوامي مينڊيٽ هاصل ڪري پنهنجن مخالفن کي سياسي ميدان ۾ شڪست ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبرن محمد حسين، عادل خان ۽ اسلم آفريدي نواب شاھ ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته رنگ و نسل، مذهب ۽ قوميت جي فرق کي ختم ڪري ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري پاڪستان جا غيور عوام مڪاني اليڪشن ۾ شاندار فتح حاصل ڪري جاگيرداراڻه ۽ وڏيراراڻه نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيندا. انهن چيو ته  ايم ڪيو ايم جي خلاف گندا هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ وارا سياسي مخالف اها ڳالھھ سمجهي وٺن ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي جنهن کي ڪڏهن به ختم ڪري نه ٿو سگهجي. ان کان علاوه انهن رائو برادري، ميواتي برادري ۽ ٻين برادرين سان ملاقاتون به ڪيون ۽ انهن برادرين جي ماڻهن انهن کي خاطري ڪرائي ته اهي 19 نومبر تي لغڙ تي ئي ٽپو هڻندا.


6/30/2024 3:21:28 PM