Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن جي ڏينهن عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا


مڪاني  اليڪشن جي ڏينهن عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
 Posted on: 11/13/2015
مڪاني  اليڪشن جي ڏينهن عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
عوام ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن ۽ ان جو مستقبل روشن آهي.  سيد امين الحق
ايم ڪيو ايم پڙهيل لکيل ماڻهن جي جماعت آهي ۽ اسان جو هٿيار صرف ووٽ آهي. وسيم اختر
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ناظم آباد ۽ پاڪ ڪالوني ۾ الڳ الڳ جلسن کي خطاب
ڪراچي: 13 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ رستو روڪڻ جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ناظم آباد ۽ پاڪ ڪالوني ۾ الڳ الڳ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن مڪاني اميدوارن جو تعارف به ڪرايو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق ، سي اي سي انچارج وسيم اختر، اسيمبلي ميمبر خواجه سهيل منصور، سفيان يوسف، ارشد وهرٰي، رئوف صديقي، جمال احمد ۽ ٻيا به موجود هئا. جلسي کي خطاب ڪندي شاهد پاشا چيو ته پاڪ ڪالوني ۽ ناظم آباد جي عوام تي جناب الطاف حسين جو مان ۽ فخر اڄ به قائم آهي ۽ اهو ئي نه بلڪه ڪراچي کان خيبر تائين مظلوم عوام جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد ٿي چڪا آهن .انهن چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي سان شهر ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي رخ کي درست ڪرڻ سان ئي امن ٿيندو. جلسي کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق چيو ته عوام ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن ۽ انهن جو مستقبل روشن آهي ۽ ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ڏوھ صرف اهو آهي ته اهي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. جلسي کي خطاب ڪندي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو ته اسان پڙهيل لکيل ۽ پرامن ماڻهو آهيون ۽ اسان جو هٿيار صرف ووٽ آهي. انهن چيو ته اسان جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان پنهنجو لائحه عمل مڪاني اليڪشن کان پوءِ جوڙينداسين. انهن چيو ته جيڪڏهن ماضي جا 9 اليڪشن کٽڻ کان پوءِ به اسان جي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ اسان ڇا ڪريون ۽ ڪيڏانهن وڃون ۽ ڪنهن جو دروازو کڙڪايون. جلسن کي ٻين به خطاب ڪيو. 



6/30/2024 3:16:05 PM