Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ مون گارڊن جي رهائشين کي انهن جي گهرن مان ڪڍڻ وڏو ظلم ۽ کليل تعصب آهي. ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت


 ڪراچي ۾ مون گارڊن جي رهائشين کي انهن جي گهرن مان ڪڍڻ وڏو ظلم ۽ کليل تعصب آهي. ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 11/13/2015
 ڪراچي ۾ مون گارڊن جي رهائشين کي انهن جي گهرن مان ڪڍڻ وڏو ظلم ۽ کليل تعصب آهي. ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت
سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ ٺهيل غير قانوني وسنديون مذهبي انتها پسند دهشت گردن جا ٺڪاڻا بڻجي چڪيون آهن
لنڊن: 13 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي ته سڀني کان پهرين سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ قائم غير قانوني وسندين جو خاتمو ڪري، جيڪي مذهبي انتها پسند دهشت گردن جا ٺڪاڻا بڻجي چڪيون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته مُون گارڊن جي رهائشين کي انهن جي گهرن مان ڪڍڻ وڏو ظلم ۽ کليل تعصب آهي. انهن چيو ته حڪومت ۽ انتظاميه کي پوري شهر ۾ صرف مون گارڊن  ڇو غيرقانوني نظر آيو. ڪراچي ۾ هن وقت به سوين غير قانوني وسنديون اڏيل آهن. جن ۾ آباد  لکين ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪري سرڪاري زمينن تي قبضو ڪري پنهنجا گهر اڏيا ۽ سرڪاري خزاني ۾ انهن اڏاوتن مان هڪ پائي به جمع نه ٿي. انهن وسندين جي طرفان ته پاڻي، بجلي، گيس ۽ يوٽيليٽي جا بل به ادا نه ٿا ڪيا وڃن. نديم نصرت چيو ته حڪومت انهن غير قانوني وسندين جي خلاف ڪڏهن به ڪوئي ايڪشن نه ورتو آهي، ايستائين جو انهن غير قانوني وسندين جي خلاف عدالتي حڪمن جي به تعميل نه ڪرائي وئي. آخر ڪهڙو سبب آهي جو سڀني قانونن جو نفاذ صرف ۽ صرف مون گارڊن جي رهائشين تي ئي ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته مون گارڊن جي رهائشين باقائده قيمت ادا ڪري پنهنجا فليٽ خريد ڪيا آهن. جيڪڏهن اهي فليٽ غير قانوني هئا ته انهن کي اڏڻ ڇو ڏنو ويو ۽ جڏهن ان زمين تي قبضا ڪري غير قانوني فليٽ بڻايا پيا وڃن ۽ انهن جي باقائده تشهير ڪري انهن کي وکيو پيو وڃي ته  ان وقت ريلوي، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽ انتظاميه ڪٿي سٿل هيون. حڪومت ۽ انتظاميه جي ان مجرمانه غفلت جي سزا مون گارڊن جي غريب رهائشين کي ڇو ڏني پئي وڃي، جن پنهنجو سڀ ڪجھھ وڪڻي ڪري اهي فليٽ خريد ڪيا ؟ نديم نصرت چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته  پهرين اها سڄي سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ انهن سوين غير قانوني وسندين کي ڊاهي جيڪي اڄ سرڪاري ايجنسين جي رپورٽن جي مطابق طالبان سميت مختلف مذهبي انتها پسندن ۽ دهشت گردن جا ٺڪاڻا بڻجي چڪيون آهن ۽ جن جي باري ۾ هڪ معزز انگريزي اخبار گذريل ڏينهن رپورٽون به شايع ڪيون آهن. انهن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبان کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي انسانيت جي نالي تي مون گارڊن جي رهائشين کي بي دخل ڪرڻ جا حڪم واپس وٺن ۽ حڪومت ۽ انتظاميه جي انهن وزيرن، اهلڪارن ۽ بي ضمير بلڊرن جي خلاف ايڪشن وٺن جن غير قانوني زمين تي انهن اڏاوتن جي اجازت ڏني.


6/30/2024 3:14:42 PM