Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم اختر جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد جي مون گارڊن جي متاثرن سان ملاقات.


وسيم اختر جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد جي مون گارڊن جي متاثرن سان ملاقات.
 Posted on: 11/12/2015
وسيم اختر جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد جي مون گارڊن جي متاثرن سان ملاقات.
ايم ڪيو ايم مون گارڊن جي متاثرن سان گڏ آهي.وسيم اختر.
ڪراچي: 12 نومبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر  وفد سان گڏجي مون گارڊن جي متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ سي اي سي ميمبر ابوبڪر صديقي، حق پرست اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي ۽ ڊاڪٽر نگهت شڪيل شامل هيون. ان موقعي تي مون گارڊن جي متاثرن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪندي  وسيم اختر چيو ته اهڙي طريقي سان اچانڪ ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي ۽ ان مسئلي جو جيڪو ذميوار آهي يعني بلڊر ۽ ليز ڪرڻ وارا آفيسر  انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.ان جي ڪري سنڌ حڪومت غريب رهائشين جي خلاف غير قانوني ۽ غير آئيني طريقا استعمال ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي گرفتار ڪري جن انهن غريبن جي سڄي عمر جي ڪمائي کي لٽيو آهي. ان موقعي تي متاثرن ايم ڪيو ايم جي وفد جي آمد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هر مسئلي تي هميشه ايم ڪيو ايم ئي سڀني کان پهرين عوام وٽ پهتي آهي. جنهن جي لاءِ اسان جناب الطاف حسين جا انتهائي مشڪور آهيون. ان موقعي تي وسيم اختر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مون گارڊن جي متاثرن جي لاءِ کاڌي پيتي جا خصوصي انتظام ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
*****


6/30/2024 3:20:54 PM