Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

5 ڊسمبر تي ثابت ٿي ويندو ته جناب الطاف حسين ئي ڪراچي ۽ ملڪ جي مظلوم عوام جي اميدن جو مرڪز آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده.


5 ڊسمبر تي ثابت ٿي ويندو ته جناب الطاف حسين ئي ڪراچي ۽ ملڪ جي مظلوم عوام جي اميدن جو مرڪز آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده.
 Posted on: 11/12/2015
5 ڊسمبر تي ثابت ٿي ويندو ته جناب الطاف حسين ئي ڪراچي ۽ ملڪ جي مظلوم عوام جي اميدن جو مرڪز آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام گلشن اقبال بلاڪ نمبر 2 ۾ جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 12 نومبر 2015 
                  5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ حق پرستي جو سج پنهنجي پوري آب و تاب سان اڀرندو ۽ ان ڏينهن ثابت ٿي ويندو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ئي ملڪ جي مظلوم عوام جي اميدن جو مرڪز آهن. انهن خيالن جو  اظهار رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده گلشن اقبال بلاڪ نمبر 2  جي ناصر شهيد پارڪ ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي سي اي سي ميمبر حيدرعباس رضوي، ابوبڪر صديقي، اسيمبلي ميمبر مزمل قريشي، محترمه نگهت شڪيل ، محترمه ثمن جعفري ۽ ٻيا به موجود هئا. عبدالقادر خانزاده چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف 1992 تي جيڪو رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو هو اهو اڄ به جاري آهي ۽ آپريشن ڪرڻ وارن حق پرستي جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري طاقت جو استعمال ڪيو، پر عوام ۽ جناب الطاف حسين جي مضبوط رشتي ۾ ڏار وجهڻ ۾ اهي هميشه ناڪام رهيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدرعباس رضوي ۽ ابوبڪر صديقي چيو ته  ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي مڪاني اليڪشن ۾ تمام تر سازشن جي باوجود عوام جي حمايت سان ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ پي ٽي آئي مڪاني اليڪشن ۾ جماعت اسلامي سان اتحاد ڪري عوام جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. انهن چيو ته جيڪي جماعتون ڪالھھ تائين طالبان کي دفن ڪرڻ جو دعوٰي ڪري رهيون هيون اڄ انهن ان سان اتحاد ڪري پنهنجي ڪراچي دشمني کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. جلسي کي ٻين به خطاب ڪيو. 
*****

6/30/2024 3:20:55 PM