Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم غريب ۽ مظلوم پڙهيل لکيل ماڻهن کي اسيمبلين ۾ موڪلي ڪري غريبن جي جماعت هجڻ جو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.


ايم ڪيو ايم غريب ۽ مظلوم پڙهيل لکيل ماڻهن کي اسيمبلين ۾ موڪلي ڪري غريبن جي جماعت  هجڻ جو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.
 Posted on: 11/12/2015
ايم ڪيو ايم غريب ۽ مظلوم پڙهيل لکيل ماڻهن کي اسيمبلين ۾ موڪلي ڪري غريبن جي جماعت  هجڻ جو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.
ايم ڪيو ايم عوامي امنگن جي مطابق خوشحال معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي، اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن.
ميرپورخاص ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
ميرپور خاص: 12 نومبر 2015 
                  اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هن ملڪ تي غريبن جي حڪمراني قائم ٿيندي . انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ سيڪٽر سي وارڊ 28 ،27 ۽ 26 ۾ عورتن جي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي جي ميمبر محترمه عشرت ۽ ٻيون به موجود هيون. محترمه زرين مجيد چيو ته جاگيردارن ۽ وڏيرن ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جي 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪري رکيو آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان جا واحد ليڊر آهن جن جو تعلق مڊل ڪلاس طبقي سان آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پهرين ئي ڏينهن کان غريب ۽ مظلوم عوام جي حقن جي حصول جي لاءِ نه صرف آواز بلند ڪئي آهي بلڪه عملي جدوجهد به ڪري رهيا آهن ۽  اها ئي وجه آهي ته اڄ متحده قومي موومينٽ ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ شامل ٿي ڪري پنهنجن ڀائرن سان گڏ حقن جي حصول جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي محترمه ڪشور زهرٰي چيو ته ميرپورخاص قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وفادارن جو شهر آهي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ فتح حق پرستن جي ئي ٿيندي. ان کان علاوه خواجه اظهار الحسن ميرپورخاص ۾ مختلف يوسيز جي وارڊن ۾ خطاب ڪندي چيو ته ظالم قوتون عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ چاهين ٿيون. ايم ڪيو ايم عوام جي دلين ۾ جيڪو مقام پيدا ڪيو آهي ان کي ڪوئي به ختم ڪري نه ٿو سگهي ۽ 19 نومبر تي ميرپورخاص جا عوام ظالم قوتن کي رڌ ڪري ڇڏيندا. ان کان علاوه سنڌ اسيمبلي ميمبر ظفر ڪمالي ميرپورخاص جي معروف شخصيتن سلطان چنديجه، حاجي ميراج چنديجه، حاجي نثار ۽ حاجي شهزاد سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي انهن 19 نومبر ٿي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري به ڪرائي.
*****

6/30/2024 3:22:49 PM