Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پهرين ئي ڏينهن کان پورهيتن جي جائز حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ايم ڪيو ايم پهرين ئي ڏينهن کان پورهيتن جي جائز حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 11/11/2015
ايم ڪيو ايم پهرين ئي ڏينهن کان پورهيتن جي جائز حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
واٽر بورڊ جي ريفرنڊم جي سلسلي ۾ سوڪ سينٽر ۾ جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 11 نومبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پهرين ئي ڏينهن کان پورهيتن جي جائز حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. ۽ چاهي ٿي ته پورهيتن کي انهن جو جائز حق ملي. انهن خيالن جو اظهار انهن سوڪ سينٽر ۾(CBA ) گڏيل سودا ڪار ايجنٽ جو تعين ٿيندڙ ريفرنڊم جي سلسلي ۾ متحده ورڪرز فرنٽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي زير اهتمام شاندار جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان ۽ ليبر ڊويزن انچارج اسد ڪاظمي به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اها ڳالھھ وڏي افسوسناڪ آهي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هڻڻ وارن جي طرفان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ خصوصن ڪراچي جي پورهيتن ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو آهي . انهن چيو ته حڪمران پاڻي فراهم ڪرڻ جي هر پروجيڪٽ تي ڪميشن وٺي رهيا آهن ۽ ناڪاره مشينري جي تنصيب ڪرائي اهم پروجيڪٽن کي به سرخ ڦيتي جي نظر ڪري عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا آهن. انهن چيو ته سمورا پروجيڪٽ فيل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن حڪمران مخلص هجن ها ته اهي سنڌ جي اڃايل عوام کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جي لاءِ نه ترسائين ها ۽ حڪمران ڪرپشن جي بجاءِ 2,K-3  ۽ K-4  منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪري چڪا هجن ها. انهن چيو ته هاڻي عوام کي وڌيڪ بي وقوف بڻائي نه ٿو سگهجي. عوام چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته ڪير مخلص آهي ۽ ڪير مخلص نه آهي. جلسي کي ليبر ڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي خطاب ڪندي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ملازمن کي يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم انهن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ  انهن سان گڏ آهي ۽ اداري جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. ان موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ اينڊ سيوريج بورڊ جي ملازمن ان ڳالھھ کي ورجايو ته اهي هر صورت ۾ ريفرنڊم ۾ متحده ورڪرز فرنٽ جي چونڊ نشان مڪ تي ٽپو هڻندا.
*****


6/30/2024 3:19:40 PM