Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نوڪرين سميت زندگي جي هر شعبي ۾ ميرٽ جي بنياد تي عورتن کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


نوڪرين سميت زندگي جي هر شعبي ۾  ميرٽ جي بنياد تي عورتن کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/11/2015
نوڪرين سميت زندگي جي هر شعبي ۾  ميرٽ جي بنياد تي عورتن کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم چونڊيل ايوانن ۾ قانون سازي ڪري عورتن جي سيٽن ۾ اضافو ڪرايو.
سنڌ ڌرتي ڪنهن وڏيري يا جاگيردار جي جاگير نه آهي بلڪه اها مظلوم سنڌي عوام جي ملڪيت آهي.
پڪا قلعه حيدرآباد ۾ شعبه خواتين جي اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب.
لنڊن: 11 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم عورتن جي حقن جو احترام ڪري ٿي ۽ چاهي ٿي ته نوڪرين سميت زندگي جي هر شعبي ۾ ميرٽ جي بنياد تي عورتن کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. اها ڳالھھ انهن حيدرآباد پڪا قلعه ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. اجلاس ۾ معصوم ٻارڙين ۽ شاگردياڻين سميت عورتن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي، زونل ڪميٽي ۽ شعبه خواتين جون ميمبرياڻيون به موجود هيون. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ عورتن ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي  ۽ حق پرستي جي جدوجهد ۾ حيدرآباد جي امڙين ۽ ڀينرن جو ڪردار مثالي رهيو آهي. 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن جي دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر جي امڙين ۽ ڀينرن وڏي جرت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو.  ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ حيدرآباد جي زونل آفيس کي بزرگن سان گڏجي کوليو ۽ رياستي ڏاڍ جي خلاف ميدان ۾ اچي ڪري احتجاج به ڪيو. پي پي جي دور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وارين امڙين ۽ ڀينرن کي ڪراچي جي ريگل چوڪ تي گهوڙن جي پيرن هيٺان ڪڇليو ويو. اهڙي طرح 26 ۽ 27 مئي 1990 ۾ پي پي جي دور ۾ ئي پڪا قلعه آپريشن ڪيو ويو. پاڻي، گيس ۽ بجلي جي سپلائي بند ڪئي وئي ۽ پوري علائقي جو گهيراءُ ڪيو ويو. ان وقت حيدرآباد جون بهادر امڙيون ۽ ڀينرون پنهنجن مٿن تي قرآن پاڪ کڻي ڪري ميدان ۾ آيون. سرڪاري اهلڪارن انهن تي گوليون هلائي ڪري ڪيترن ئي عورتن کي شهيد ۽ زخمي ڪري ڇڏيو. پر بهادر عورتن ڪنهن به ظلم جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڇڏيو ته ظلم سان عورتن کي حق جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي.  جنهن تي هڪ هڪ امڙ، ڀيڻ ۽ نياڻي سلام تحسين ۽ خراج تحسين جي مستحق آهي. انهن فرمايو ته مڪاني اليڪشن ۾ حيدرآباد کان ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن جي وڏي اڪثريت ڪامياب ٿي چڪي آهي جيڪو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته حيدرآباد اڄ به الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر آهي ۽ ان شهر جي عوام سان الطاف حسين جي محبت مثالي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم کان اڳ عورتن کي گهر جي اندر رکيو ويندو هو، ظالم وڏيرا ۽ جاگيردار عورتن کي گهر جي لونڊي سمجهندا هئا. پر  ايم ڪيو ايم عورتن ۾ شعور پيدا ڪري انهن ۾ اعتماد پيدا ڪيو ۽ اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ بغير ڪنهن خوف جي شرڪت ڪن ٿيون. جناب الطاف حسين نوجوان ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته عورتن جو ڪٿي به پروگرام هجي ته اهو اوهان جو فرض آهي ته اوهان ان وقت تائين پنهنجن گهرن ڏانهن نه وڃو جيستائين پروگرام ۾ شريڪ هڪ هڪ امڙ ۽ ڀيڻ خير سان 

پنهنجي گهر نه پهچي وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم چونڊيل ايوانن ۾ قانون سازي ڪري عورتن جي سيٽن ۾ اضافو ڪرايو ۽ اسان عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ چونڊيل ايوانن ۾ قانون سازي جو عمل جاري رکنداسين. ايم ڪيو ايم عورتن جي خلاف هر قسم جي ڪاري قانون جو خاتمو چاهي ٿي. انهن وڌيڪ فرمايو ته ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته نوڪرين سميت زندگي جي هر شعبي ۾ ميرٽ جي بنياد تي عورتن کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. انهن فرمايو ته مان سنڌ ڌرتي جو پٽ آهيان ۽ سنڌ ڌرتي  ڪنهن جاگيردار يا وڏيري جي جاگير نه آهي بلڪه اها مظلوم سنڌي عوام جي ملڪيت آهي. اسان سنڌ ڌرتي سان محبت جو حق ادا ڪنداسين ۽ سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ زيادتين جو پنهنجي اتحاد سان مقابلو ڪنداسين.  جناب الطاف حسين عورتن تي زور ڏنو ته اهي مڪاني اليڪشن کي ايم ڪيو ايم جي بقا و سلامتي جي لاءِ هڪ وڏو چيلنج سمجهي ڪري چونڊ مهم هلائين. گهر گهر وڃي ڪري عوام سان رابطو ڪن ۽ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ايم ڪيو ايم کي تاريخي فتح ڏياري ڪري پوري دنيا تي واضع ڪري ڇڏين ته ڪوئي به زهريلو پروفيگنڊو ۽ ظلم حق پرستن جي تنظيم ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهي.  جناب الطاف حسين حيدرآباد جي عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي 19 نومبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن جي چونڊ نشان لغڙ تي ٽپو هڻن ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين. 
*****

6/30/2024 3:14:35 PM