Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواب شاھ جي عوام هميشه حق پرستي جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏني آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.


نواب شاھ جي عوام هميشه حق پرستي جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏني آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.
 Posted on: 11/11/2015
نواب شاھ جي عوام هميشه حق پرستي جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏني آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.
نواب شاھ ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
نواب شاھ: 11 نومبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو آهي ته نواب شاھ هميشه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نواب شاھ ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر هير سوهو، رعنا انصار ۽ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم اليڪشن جي متعلق سموري ضابطه اخلاق تي عمل ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح ٻين سياسي پارٽين جا اميدوار به ان ضابطه اخلاق تي عمل ڪن . انهن چيو  ته پرامن اليڪشن ۽ عوام کي ووٽ وجهڻ جي آزادي جو حق ڏيڻ تمام ضروري آهي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي حق پرست اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ان کان علاوه انهن ايس ايس پي پرويز عمراڻي ۽ ڊي ايس پي اعجاز ترين سان به ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ نواب شاھ ۾ 19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ان دوران ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي انهن کي مڪمل خاطري ڪرائي ته اهي اليڪشن کي پرامن بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.
*****

6/30/2024 3:18:21 PM