Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تبديلي جون ڳالهيون ڪندڙن صرف پنهنجن گهرن ۾ تبديليون آنديون آهن ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ جا عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني،محترمه زرين مجيد، ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين.


تبديلي جون ڳالهيون ڪندڙن صرف پنهنجن گهرن ۾ تبديليون آنديون آهن ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ جا عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني،محترمه زرين مجيد، ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين.
 Posted on: 11/11/2015
تبديلي جون ڳالهيون ڪندڙن صرف پنهنجن گهرن ۾ تبديليون آنديون آهن ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ جا عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني،محترمه زرين مجيد، ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب.
حيدرآباد: 11 نومبر 2015 
                 19 نومبر جو سج جڏهن لهندو ته اهو مخالفن کي اهو پيغام ڏيندو ته حيدرآباد شهر ڪالھھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو قلعو هو ۽ اڄ به آهي.انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني، محترمه زرين مجيد، ڪمال ملڪ ۽ ريحانه نسرين مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي پڪا قلعه گرائونڊ ۾ عورتن جي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر سيد وسيم حسين، راشد خلجي، عائشه آفتاب، دلاور قريشي، زونل انچارج نويد شمسي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي ميمبر زاهده بيگم، ڊاڪٽر فوزيه، ظفر راجپوت ۽ ٻيا به موجود هئا. شبير احمد قائم خاني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تبديلي جون ڳالهيون ڪرڻ وارن صرف پنهنجن گهرن ۾ تبديليون آنديون آهن ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ جا عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن. انهن چيو ته سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن پنهنجين ڀينرن ۽ نياڻين کي جاهلانه رسمن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، صرف ان جي ڪري جو انهن جي نالن جون جائيدادون هڙپ ڪيون وڃن، پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انهن جاهلانه رسمن جي خلاف نه صرف آواز بلند ڪئي بلڪه ان جي خاتمي جي لاءِ عملي قدم به کنيا آهن ۽ عورتن کي بااختيار به بڻايو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي محترمه زرين مجيد چيو ته ملڪ ۾ مظلوم قومن جا دشمن ته سڀ آهن پر انهن جا دوست صرف جناب الطاف حسين آهن، انهن چيو ته انقلابي تحريڪن ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي ۽ اسان جي تحريڪ ۾ عورتون هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪمال ملڪ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حيدرآباد کي پنهنجو شهر سمجهن ٿا ۽ اڄ عورتن جي جلسي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جناب الطاف حسين جيڪو چون ٿا اهو سچائي ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي محترمه ريحانه نسرين چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي تمنا نه ڪئي آهي ۽ انهن جي جدوجهد صرف ۽ صرف ملڪ جي مظلوم عوام جي لاءِ آهي. ان موقعي تي جلسي کي ٻين به خطاب ڪيو. 
*****

6/30/2024 3:14:35 PM