Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي هندو برادري جي ڏڻ ديوالي جي تقريب منعقد ٿي.


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي هندو برادري جي ڏڻ ديوالي جي تقريب منعقد ٿي.
 Posted on: 11/11/2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي هندو برادري جي ڏڻ ديوالي جي تقريب منعقد ٿي.
ڪراچي: 11 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام نائن زيرو تي هندو برادري جو مذهبي ڏڻ ديوالي ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم اقليتي امور ڪميٽي جي طرفان ڏيئا روشن ڪيا ويا ۽ ڪارڪنن ۾ مٺائي به ورهائي وئي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ٽيلفونڪ خطاب ڪندي شرڪاء کي مبارڪباد به پيش  ڪئي. تقريب ۾ رابطا ڪميٽي  جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق، سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اقليتي امور ڪميٽي جي انچارج منوهر لال چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان جا واحد ليڊر آهن  جيڪي ملڪ ۾ وسندڙ سمورن مذهبن جي ماڻهن سان برابري جو سلوڪ ڪن ٿا ۽ انهن جي ڏک ۽ خوشي ۾ به شريڪ رهن ٿا ۽ اهي پنهنجن ڪارڪنن کي به ٻين مذهبن جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري بيهڻ جي هدايت ڪن ٿا.ان کان اڳ هندو برادري جي طرفان ٽيبلو به پيش ڪيا ويا.ان کان پوءِ پنڊت وجي مهاراج ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعا به ڪرائي. 
*****

7/18/2024 6:28:56 AM