Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد جي اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، ذميوارن ۽ حق پرست اميدوارن اليڪشن جي لاءِ فنڊ جمع ڪرايو.


لال  قلعه گرائونڊ عزيز آباد جي اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، ذميوارن ۽ حق پرست اميدوارن اليڪشن جي لاءِ فنڊ جمع ڪرايو.
 Posted on: 11/11/2015
لال  قلعه گرائونڊ عزيز آباد جي اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، ذميوارن ۽ حق پرست اميدوارن اليڪشن جي لاءِ فنڊ جمع ڪرايو.
ساٿين جهڙي طرح دل کولي ڪري فنڊ جمع ڪرايو آهي ان جي مثال نه ٿي ملي ۽ اهو الله تعالٰي جي مدد کان سواءِ ٿي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 11 نومبر 2015 
                لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ نامزد اميدوارن جي اجتماع ۾ قائد تحريڪ  جناب الطاف حسين اجلاس جي شرڪاء کي چيو ته اليڪشن مهم جي لاءِ فنڊ جي سخت ضرورت آهي. ان جي ڪري مخير حضرات سان عطيات جي لاءِ رابطو ڪرڻ کان اڳ سمورن ذميوارن ۽ حق پرست اميدوارن کي گهرجي ته اهي اليڪشن مهم جي لاءِ پارٽي فنڊ ۾عطيات جمع ڪرائين. جناب الطاف حسين جي اپيل تي اجلاس ۾ چادر ڦيلائي وئي جنهن ۾ شرڪاء چندو ڏنو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن ۽ ذميوارن پنهنجي پوري پوري پگهار ڏني. ڪجھھ شهيدن جي بيوائن ۽ ڀينرن به چندو ڏنو. هڪ شاگردياڻي پنهنجي پاڪيٽ مني ڏيئي ڇڏي. اجلاس جي ڪاروائي ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تي هلي رهي هئي. جنهن کي ڏسي ڪري اپر پنجاب پنڊي زون، گلگت بلتستان زون ۽ آمريڪا يونٽ به چندو جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ فنڊ جمع ٿي ويو. جناب الطاف حسين اليڪشن فنڊ ۾ چندو جمع ڪرائڻ تي هڪ هڪ ڪارڪن کي شاباش ۽ خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اڄ منهنجي اپيل تي ساٿين جهڙي طرح دل کولي ڪري چندو جمع ڪرايو آهي ان جي مثال نه ٿي ملي ۽ اهو الله سائين جي مدد کان سواءِ ٿي نه ٿو سگهي. 
*****

7/18/2024 6:23:28 AM