Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن جو لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ تعارفي اجتماع .


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن جو لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ تعارفي اجتماع .
 Posted on: 11/10/2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن جو لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ تعارفي اجتماع .
اجتماع ۾ مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن شرڪت ڪئي. انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ به ڪئي.
اجتماع ۾ نامزد اميدوارن  ۽ ٻين جي طرفان تمام گهڻي روڪ رقم چندو ڏيڻ جو به اعلان.
ڪراچي: 10 نومبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪراچي کان نامزد حق پرست اميدوارن جو تعارفي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين لنڊن کان ٽيليفونڪ خطاب ڪيو ۽ مڪاني اميدوارن کي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جا سينيٽر ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ مڪاني اميدوارن جي لاءِ تحريڪ جي طرفان جاري ڪيل سرڪلر به پڙهي ٻڌايو. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو. متحده قومي موومينٽ عوامي جماعت آهي ۽ اها عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. معاشري ۾ هر قسم جي برائين جو خاتمو چاهي ٿي ته جيئن ماڻهو هڪ ٻئي کي برداشت ڪن، امن و سڪون سان زندگي گذارين ۽ سٺي معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪارڪنن جي اخلاقي تربيت ڪندي آئي آهي ۽ پنهنجي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين ايم ڪيو ايم پنهنجن اميدوارن کي هدايت ڏيندي آئي آهي ته اهي پنهنجي اخلاق کي سٺي کان سٺو بڻائين. تنظيمي نظم و ضبط جي سختي سان پابندي ڪن. سگريٽ، پان ۽ گٽڪي کان پاسو ڪن، ڀتين تي ٿڪ نه اڇلائين. پوري علائقي ۾ ڊيسبين جي ڌٻن جا ڄار وڇائي ڇڏين. ڪنهن سان به غير اخلاقي گفتگو نه ڪن، هر هڪ سان سٺي اخلاق سان پيش اچن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ شائستگي سان پيش اچن.پنهنجين تقريرن ۾ مسئلن جو حل بيان ڪن ۽ جيڪي انهن جو حل پڇن انهن کي انهن جو حل ٻڌائين،اهڙيون تقريرون نه ڪن جنهن سان ڪنهن جي  دل آزاري ٿئي. ڪنهن کي به گارگند ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان پاسو ڪن، سڀني سان حسن اخلاق سان پيش اچن ايستائين جو مخالفن سان به سٺي اخلاق سان پيش اچن. پنهنجين تقريرن ۾ منهنجي هدايت جي مطابق ڀائي چاري ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏين ۽ الطاف حسين جون جيڪي به تقريرون ۽ ليڪچر ٻڌا ويا آهن انهن سڀني کي ياد رکيو وڃي ۽ انهن کي ٿورو ٿورو ڪري ڪارڪنن کي به ٻڌايو وڃي، جيڪڏهن اوهان الطاف حسين کي قائد مڃيو ٿا ته منهنجي اپيل آهي ته اوهان جي هٿان ڪنهن جي به دل آزاري ٿئي ته توهان تڪبر ڇڏي ڪري ان کان معافي وٺو. حق پرست شهيدن ، لاپتا ڪارڪنن ۽ اسير ڪارڪنن جي گهرن تي وڃو ۽ انهن جي گهرن وارن جي سار سنڀال لهو، انهن جي ٻارن سان پيار ڪريو. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب جي آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي لاءِ فنڊريزنگ جو اعلان به ڪيو ان موقعي تي لال قلعه گرائونڊ ۾ چادرون ڦيلائي ڪري چندو گڏ ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽ ڪميٽين جي ميمبرن ۽ ريزيڊنس ڪميٽين جي طرفان به چندي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.  جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم کي چندو ڏيندڙن جو شڪريو  ادا ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعائون به ڪيون. 
*****

7/18/2024 6:26:47 AM