Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لازوال جدوجهد جي ڪري ئي ملڪ ۾ تمام جلد انقلاب ايندو. شبير احمد قائم خاني.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لازوال جدوجهد جي ڪري ئي ملڪ ۾ تمام جلد انقلاب ايندو. شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 11/10/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لازوال جدوجهد جي ڪري ئي ملڪ ۾ تمام جلد انقلاب ايندو. شبير احمد قائم خاني.
حيدرآباد ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
حيدرآباد : 10 نومبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته حق پرست نمائندن جي وڏي تعداد ۾ ڪاميابي هڪ نئين صبح جي خوشخبري آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ يونين ڪائونسل 84 سيڪٽر ايف ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. شبير احمد قائم خاني چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  جي لازوال قربانين جي صدقي ئي تمام جلد  انقلا ب ايندو. جيڪو ملڪ تي قابض ملڪ ۽ عوام دشمنن جو خاتمو ڪندو. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ مفاد پرست ٽولو عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي توانائي صرف ڪري رهيو آهي پر انهن جي اها توانائي عوام کي گمراھ ڪري نه ٿي سگهي ڇو ته حيدرآباد ڪالھھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو قلعو هو ۽ اڄ به جناب الطاف حسين جو قلعو آهي. ڪارنر ميٽنگ کي سنڌ اسيمبلي ميمبر صابر قائم خاني خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ناظمن جي دور ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا جن جي مثال حيدرآباد جي تاريخ ۾ نه ٿي ملي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه پنهنجن ڪارڪنن کي عوامي خدمت جو درس ڏنو آهي. ڪارنر ميٽنگ کي ٻين به خطاب ڪيو.
*****

7/18/2024 6:24:05 AM