Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم حقيقت ۾ اقتدار جي طاقت کي عوام جي دروازي تائين پهچائڻ جو ارادو رکي ٿي. حيدرعباس رضوي.


ايم ڪيو ايم حقيقت ۾ اقتدار جي طاقت کي عوام جي دروازي تائين پهچائڻ جو ارادو رکي ٿي. حيدرعباس رضوي.
 Posted on: 11/10/2015
ايم ڪيو ايم حقيقت ۾ اقتدار جي طاقت کي عوام جي دروازي تائين پهچائڻ جو ارادو رکي ٿي. حيدرعباس رضوي.
ميرپورخاص ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
ميرپورخاص: 10 نومبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪائونسل جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته حق پرستي جي ڏيئي کي سازشن جي ذريعي وسائي نه ٿو سگهجي، ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد نمائنده جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏيئي ڪري ايوانن ۾ موڪليو. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپور خاص جي وارڊ نمبرن 18 ،19 ۽ 20 ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ميمبر فيصل سبزواري ۽ ٻيا به موجود هئا. حيدرعباس رضوي چيو ته ميرپور خاص جا عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ولوله انگيز قيادت ۾ هڪ آهن ۽ انهن ان ڳالھھ جو پڪو پھھ ڪري رکيو آهي ته اهي 19 نومبر تي هر قسم جي سازشن کي ناڪام بڻائي حق پرست اميدوارن کي کٽرائيندا. ڪارنر ميٽنگ کي فيصل سبز واري به خطاب ڪيو. ان موقعي تي انهن پرزور اپيل ڪئي ته اهي 19 نومبر تي حق پرست اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ان کان علاوه انهن وارڊ نمبر 5 4 ۾ پٺاڻ ۽ آريسر برادرين جي ماڻهن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي اپيل ڪئي ته اهي حق پرست اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين.
*****

7/18/2024 6:35:32 AM