Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد جو لياقت آباد ۽ ناظم آباد جي مختلف سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد جو لياقت آباد ۽ ناظم آباد جي مختلف سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو.
 Posted on: 11/10/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد جو لياقت آباد ۽ ناظم آباد جي مختلف سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو.
رابطا ڪميٽي ڊگهي وقت کان پوءِ يونٽ آفيس کلڻ تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد به ڏني.
ايم ڪيو ايم هڪ پرامن سياسي جماعت آهي ۽ ان جي يونٽ آفيسن جي بندش غير قانوني هئي. شاهد پاشا.
ڪراچي: 10 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد ايم ڪيو ايم لياقت آباد ۽ ناظم آباد سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪيو ۽ هڪ ڊگهي وقت کان پوءِ يونٽ آفيسون کلڻ تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي شاهد پاشا ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن سياسي ۽ جمهوري جماعت آهي ۽ ان جي يونٽن جي بندش غير قانوني هئي ۽ هاڻي يونٽ آفيسون کلڻ سان عوام جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي ترجيح بنيادن تي ڏٺو وڃي ۽ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ يونٽن جي سطح تي ڀرپور عوامي مهم به هلائي وڃي. انهن چيو ته اها جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي جي سچائي آهي جو ايم ڪيو ايم جي عوامي مقبوليت کي تمام تر ظلمن جي باوجود ختم نه ڪيو ويو ۽ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي پرواز کي روڪڻ جون سموريون سازشون ناڪام ٿي وينديون. ان موقعي تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن پرجوش انداز ۾ پنهنجي بلند عزم ۽ حوصلي جو اظهار ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي کي طاقت جي ذريعي دٻائي نه ٿو سگهجي ۽ اسان ماضي جي غلطين جو ازالو به ڪنداسين. 
*****

7/18/2024 6:35:02 AM