Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 11/10/2015
پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 10 نومبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان بغير ڪنهن جواز جي ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ايم ڪيو ايم جي 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ايم ڪيو ايم سرجاني ٽائون سيڪٽر يونٽ تيسر ٽائون ڪميٽي جو ميمبر محمد شڪيل، يونٽ تيسر ٽائون جو ڪارڪن حبيب الله، ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 سي جو ڪارڪن نعمان ۽ همدرد رضا ۽ ملير سيڪٽر يونٽ 97 جو ڪارڪن عبدالسعيد خان شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي سوڀ کان خوفزده سنڌ حڪومت پوليس جو استعمال ڪري رهي آهي جنهن جو نوٽس ورتو وڃي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ شڪايات ازاله ڪميٽي کان مطالبو ڪيو ته مڪاني اليڪشن جي مهم جي دوران ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جو نوٽس ورتو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي اشاري تي پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي ڪاروائين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي به مڪاني اليڪشن ۾ آزادانه طور تي حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
*****

7/18/2024 6:26:24 AM