Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ديوالي جي ڏڻ جي مبارڪباد پيش.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ديوالي جي ڏڻ جي مبارڪباد پيش.
 Posted on: 11/10/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ديوالي جي ڏڻ جي مبارڪباد پيش.
هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ديوالي جي موقعي تي خصوصي پيغام.
لنڊن: 10 نومبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ ديوالي جي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ديوالي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته متحده قومي موومينٽ مذهبي ڀائيچاري تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ پهرين ئي ڏينهن کان پاڪستان ۾ وسندڙ سمورين مذهبي اقليتن کي برابر جو شهري سمجهندي انهن جي مذهبي ڏڻن جو سچي دل سان احترام ڪري ٿي. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته سمورن مذهبن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي عبادتگاهن ۽ مذهبي عقيدن جو دل سان احترام ڪن ۽ جيو ۽ جيو ڏيڻ جي پاليسي تي عمل ڪندي اقليتن کي برابر جو شهري تسليم ڪن. انهن وڌيڪ فرمايو ته پاڪستان ۾ موجود سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن کي انهن جا بنيادي حق ڏنا وڃن ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جو امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين هندو برادري کي هڪ ڀيرو ٻيهر ديوالي جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته هندو برادري پنهنجي مذهبي ڏڻ ديوالي جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي ۽ دهشت گردي جي خاتمي، امن و امان جي قيام ۽ ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جي ڪاميابي سميت ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن.
*****

7/18/2024 6:39:24 AM