Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام گهڻي طاقت انسانن جي ذهنن کي ڪرپٽ بڻائي ڇڏي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


تمام گهڻي طاقت انسانن جي ذهنن کي ڪرپٽ بڻائي ڇڏي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 11/9/2015
تمام گهڻي طاقت انسانن جي ذهنن کي ڪرپٽ بڻائي ڇڏي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جتي فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ جاگيرداراڻه ذهنيت هوندي ته اتي مذهبي انتها پسندي ۽ فرقي واريت هوندي
ڪراچي وفاق کي 67 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو پر ڪراچي کي ان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي
سينيئر سياستدان محفوظ يار خان جي رهائشگاھ تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي اجتماع کي خطاب
لنڊن: 9 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تمام گهڻي طاقت انسانن جي ذهنن کي ڪرپٽ بڻائي ڇڏي ٿي ۽ تمام گهڻي طاقت رکڻ وارا حڪمران پنهنجي پاڻ کي ئي صحيح ۽ جائز سمجهن ٿا. جتي فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ جاگيرداراڻه ذهنيت هوندي، اتي مذهبي انتها پسندي۽ فرقي واريت هوندي . اتي نه ته مخالف مذهبن ۽ مسلڪن جي مڃڻ وارن کي برداشت ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن کي برابري جي بنياد تي عزت ۽ احترام ڏنو  ويندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفينس ۾ سينيئر سياستدان ۽ معروف قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان جي رهائشگاھ تي هڪ اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. اجلاس ۾ نالي وارن صنعتڪارن، واپارين، ڊاڪٽرن، وڪيلن، پروفيسرن ۽ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين انساني تاريخ، ڪلچر، سماجي قدرن، فرسوده جاگيرداراڻه نظام، جاگيردارانه ذهنيت ۽ مائينڊ سيٽ جي نتيجي ۾ معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين تي انتهائي فڪر انگيز خيالن جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پنج هزار سالن جي انساني تاريخ جي مطابق ڪنهن به زماني ۾ سچائي جو عَلم بلند ڪرڻ وارن جي آواز ۾ آواز نه ملائي وئي. ان سلسلي ۾ پيغمبرن، ولين ۽ فلاسفرن جو حوالو ڏيئي سگهجي ٿو. سقراط، گيلي ليو، آئن اسٽائن، نيوٽن ۽ ارشميدس جڏهن پنهنجو پنهنجو سائنسي ۽ فڪري نظريو پيش ڪيو ته ان زماني جي حڪمرانن ۽ مذهبي رهنمائن ان کي تهذيب ۽ مذهبي قدرن جي خلاف قرار ڏنو. سقراط کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، سقراط زهر پي ڪري مرڻ کي ته ترجيح ڏني پر اهي سچ ڳالهائڻ کان پوئتي نه هٽيا. سقراط پنهنجي موت کي به ماڻهن کي  هڪ علم سان روشناس ڪرائڻ جو ذريعو بڻايو. زهر پيئڻ کان اڳ سقراط پنهنجن شاگردن کي تلقين ڪئي ته جڏهن مان زهر جو پيالو پي وڃان ته منهنجي موت جي ڪيفيت جي هڪ هڪ گهڙي کي نوٽ ڪندا رهجو ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته زهر پيئڻ کان پوءِ انسان جي جسم مان ڪهڙي طرح جان نڪري ٿي. لکڻ وارن شاگردن جڏهن سقراط جي موت جو اجتماعي منظر تحرير ڪري پيش ڪيو ته معلوم ٿيو ته زهر پيئڻ کان پوءِ پهرين ڄنگهون بي جان ٿيون پوءِ جسم جو مٿيون حصو بي جان ٿيو ۽ اڄ سائنسن اها ڳالھھ ثابت ڪري رهي آهي ته جڏهن انسان جو روح جسم کان نڪري ٿو ته سڀني کان پهرين ان جا پير بي جان ٿين ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته انساني تاريخ جي هر دور ۾ هڪ ڪلچر، روايت ۽ اقدار ٿئي ٿي.  هڪ زماني ۾ ماڻهن جو ڪلچر هو ته اهي اگهاڙي زندگي گذاريندا هئا  ۽ ان کي برو تصور نه ڪيو ويندو هو پوءِ جڏهن انهن کي شعور اچڻ لڳو ته انهن وڻڻ جي پنن سان پنهنجي شرم گاھ لڪائڻ شروع ڪئي ۽ انهي لباس ۾ زندگي جو هر ڪم ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح ڪنهن به ملڪ جو سياسي ڪلچر، نظام ۽ قدرون هونديون آهن.جيڪو به انهن سان ٽڪرائي ٿو ته اهو پاڻ ٽٽي پوي ٿو. پر ان سسٽم کي ٽوڙي نه ٿو سگهي.  انهن فرمايو ته 16 هين صدي ۾ انگريز واپار جي غرض سان  ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيا پر واپار ڪندي ڪندي اهي ننڍي کنڊ جا تاجدار بڻجي ويا.  ان زماني ۾ ننڍي کنڊ جا مسلمان، هندو ۽ سک سڀ پاڻ ۾ ملي ڪري رهندا هئا. ان وقت به مندر، مسجدون، ۽ گردوارا هوندا هئا. پر ڪوئي به ڪنهن جي عبادگاھ کي نقصان نه پهچائيندو هو.  اهو ان وقت جو ڪلچر هو پر ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي آمد کان پوءِ غير اعلانيه طور تي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ تفريق شروع ٿي وئي، جيڪا وڌندي وڌندي هڪ مائينڊ سيٽ ۾ تبديل ٿي وئي. ان مائينڊ سيٽ کي ڪيترن ئي سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. پر اڄ تائين  هندو  مسلم تضاد جاري آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڀارت ۾ نريندر مودي جي حڪومت آهي جيڪا گجرات جي مسلمانن جي قتل عام جي حوالي سان بدنام شهرت رکي ٿي، ڪيترائي سال اڳ رام مندر ۽ بابري مسجد جو تڪرار بيهاريو ويو. اڄ انتها پسند هندو جماعتن جي طرفان ڳئون جو گوشت کائڻ تي مسلمانن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو.  جنهن تي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته انتها پسند هندو تنظيمون،ڀارت جون القائده، طالبان ۽ جماعت اسلامي آهن. انهن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت 1947 ۾ هڪ ڏينهن آزاد ٿيا، پر ڀارت جي حڪمرانن پنهنجي ملڪ جي ترقي ، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ فرسوده جاگيرداراڻه نظام کي گراس روٽ ليول  تائين خرابين ۽ برائين جي پاڙ قرار ڏنو ۽ پوري ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ڀارت ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي گامزن ٿي ويو . انهن وڌيڪ فرمايو ته ڀارت ۾ بار بار هندو مسلم فساد ٿين ٿا پر اڄ تائين هندن جي هٿان ايترا مسلمان نه ماريا ويا آهن جيترا پاڪستان ۾ طالبان جي هٿان قتل ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ فرقي واريت جي نالي تي فسادن ۾ مسلمان ، مسلمانن جي هٿان ماريا ويا ڇو ته پاڪستان ۾ اڄ به فرسوده جاگيرداراڻه نظام مسلط آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جتي فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ جاگيرداراڻه ذهنيت هوندي  اتي مذهبي انتها پسندي ۽ فرقي واريت هوندي ۽ اتي نه ته مخالف مذهبن ۽ مسلڪن جي مڃڻ وارن کي برداشت ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن کي برابري جي بنياد تي عزت ۽ احترام ڏنو ويندو. انهن فرمايو ته اهو هڪ مائينڊ هوندو آهي. جيڪو وڌندي وڌندي صرف جاگيردارن تائين محدود نه ٿو رهي بلڪه عام شهرين ۾ به ڦيلجي وڃي ٿو.جيڪو مائينڊ جو تسلسل آهي ۽ اهڙي معاشري ۾ جنهن جي لٺ ان جي مينهن جي چوڻي تيزي سان عمل ڪري ٿي. ڇو ته انتهائي طاقت حڪمران طبقي کي ڪرپٽ بڻائي ڇڏي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جتي جاگيردارانه نظام هوندو اتي جاگيرداراڻه ذهنيت هوندي. جتي جاگيرداراڻه ذهنيت هوندي اتي مذهبي رواداري نه بلڪه مذهبي جنونيت هوندي. انتها پسندي هوندي. انهن فرمايو ته  هندستان ۾ مسلمانن کي انتها پسندن قتل ڪيو ته اتان جا مسلمان ئي نه بلڪه غير مسلم فنڪار، اديب، شاعر ۽ دانشور به ميدان ۾ اچي ويا ۽ انهن احتجاجن پنهنجا سرڪاري ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيا. جڏهن ته پاڪستان ۾ ايترا عيسائي ماريا ويا ، گرجا گهر ۽ مندر ساڙيا ويا، ٻين مذهبي اقليتن کي نشانو بڻايو ويو پر پاڪستان ۾ انهن واقعن جي خلاف ڪوئي به احتجاجن ٻاهر نه نڪتو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ هر دور ۾ آپريشن ٿيندو رهي ٿو ۽ اڄ به ڪراچي کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. ان جي ڪري جو ڪراچي وارا پڙهيل لکيل ماڻهو آهن. اهي نه ته فيوڊل آهن ۽ نه ئي فيوڊل مائينڊ سيٽ رکن ٿا. بلڪه اهي فهم و فراست رکن ٿا. انهن فرمايو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾  مختلف ادوار ۾ آپريشن ٿيندا رهيا اڄ به انهن ٽنهي صوبن ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي. پنجاب ۾ به نه صرف ڏوھ ٿين ٿا بلڪه اتي مذهبي دهشت گردن جا مرڪز  به آهن، آخر ڪهڙي وجه آهي ته اڄ تائين پنجاب ۾ آپريشن نه ٿيو. انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ هڪ سازش جي تحت هر واقعي جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايو وڃي ٿو، هر واقعي وانگر سانحه صفورا ۾ به ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بعد ۾ سامهون اچي ويو ته ان واقعي ۾ ملوث جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا. انهن جو تعلق جماعت اسلامي جي تنظيم اسلامي جميعت طلبه سان رهيو آهي.  جماعت اسلامي جا ماڻهو القائده ۽ داعش جي ماڻهن کي پناھ ڏيئي رهيا آهن، داعش جي لاءِ ڪم  ڪري رهيا آهن. پر انهن جي خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته  اسان حقن کان محروم ماڻهن جي لاءِ حق گهريو ته اسان جو قتل عام ڪيو ويو. اسان جي هزارين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ تشددڪري شهيد ڪيو ويو. انهن جون کلون لاٿيون ويون انهن جي جسمن کي ساڙيو ويو. اکيون ڪڍيون ويون. اسان جو ڏوھ اهو ئي هو ته اسان آواز اٿاري ته  ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ نافذ ڪيو ويو هو ۽ ان جي لاءِ اهو جواز پيش ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻهڙاڙي  وارن علائقن کي شهري علائقن جي برابر آڻڻو آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ٻهراڙي ۽ شهري جي فرق تي ٻڌل اهو ڪوٽا سسٽم ايترو ئي سٺو هو ته اهو  صرف سنڌ ۾ نافذ ڇو ڪيو ويو. ان کي پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ نافذ ڇو نه ڪيو ويو. 1973 ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪندي وقت چيو ويو ته اهو صرف ڏهن سالن جي لاءِ آهي. جڏهن ان ڪوٽا سسٽم جي خلاف آواز بلند ڪئي وئي ته چيو ويو ته اسان لسانيت ۽ تعصب جي ڳالھھ ڪري رهيا آهيون. انهن فرمايو ته ڪراچي پاڪستان کي 67 سيڪڙو روينيو  ڏيئي ٿو پر ان جي جواب ۾ ڪراچي کي ان جي تعمير و ترقي جي لاءِ جائز حصو نه ٿو ملي، جيڪو ملي ٿو اهو اٺ جي منھھ ۾ زيري جي برابر آهي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته عوام جي محرومي دور ڪرڻ، اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ انتظامي بنيادن تي يونٽ قائم ڪيا وڃن. انهن فرمايو ته اسان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جي ڳالھھ  ڪئي ته ڪجھھ ماڻهن ان کي مهاجر صوبي جو نالو ڏيئي ڇڏيو. انهن واضع لفظن ۾ چيو ته سنڌ ۾ الڳ صوبي کي ڪوئي به نالو ڏنو وڃي پر اهو منهنجو وعدو آهي ته جيڪو به پنجابي، پختون، سنڌي، سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال يا ٻئي ڪنهن به قوم جو ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن سميت هتي رهي ٿو، جيڪي هتي ئي ڪمائي ڪري خرچ ڪري ٿو انهن سڀني جو صوبي تي برابر جو حق هوندو. اسان وٽ مذهبي اقليتن سان ڪوئي به امتياز نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي حاضرين جناب الطاف حسين سان ڪراچي جي مختلف شعبن ۾ ڪئي ويندڙ زيادتين ۽ موجوده صورتحال جي باري ۾ مختلف سوال به ڪيا . مڪاني نظام جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته جتي فيوڊل سسٽم ۽ فيوڊل مائنڊ سيٽ هوندو آهي اتي اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل نه ٿو ڪيو وڃي. اتي مڪاني اليڪشن ئي نه ٿا ڪرايا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪرايا وڃن ٿا ته اتي اختيار ڏنا نه ٿا وڃن. اسان ڪوشش ڪنداسين ته مڪاني ادارن کي اولھھ جي ملڪن وانگر مڪمل بااختيار بڻايون. شهر ۾ پاڻي جي بحران جي باري ۾ انهن فرمايو ته جيڪڏهن اسان جي اندر  اتحاد رهيو ته اسان شهر جي حصي جو پاڻي حاصل ڪري وٺنداسين. اسان چورين کي ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ جي لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائينداسين ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر پاڻي ۽ بجلي جي بحران کان نڀرڻ جي لاءِ ڪم ڪندا. انهن فرمايو ته ڪراچي سان وڏي زيادتي آهي جو پوري ملڪ ۾ پراپرٽي  جي اسٽيمپ ڊيوٽي هڪ هزار روپيا آهي پر ڪراچي ۾ اسٽيمپ ڊيوٽي ٽي هزار روپيا آهي. انهن اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي هيٺين سطح تي ننڍا اسڪول قائم ڪرڻ تي به توجه ڏين.


7/18/2024 6:30:59 AM