ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام اڱاري جي ڏينهن نائن زيرو تي ديوالي جو ڏڻ ملهايو ويندو. ايم ڪيو ايم جو اعلان
ڪراچي: 9 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 10 نومبر بروز اڱاري تي هندو برادري جو ڏڻ ديوالي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي شعبي اقليتي امور جي طرفان نائن زيرو تي ڏيئا روشن ڪيا ويندا ۽ هندو ڪارڪنن ۾ مٺايون ۽ تحفا به ورهايا ويندا.