Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ايشيا جي سڀني کان وڌيڪ آبادين وارن شهرن مان هڪ بڻجي چڪو آهي پر اهو پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


ڪراچي ايشيا جي سڀني کان وڌيڪ آبادين وارن شهرن مان هڪ بڻجي چڪو آهي پر اهو پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 11/9/2015
ڪراچي ايشيا جي سڀني کان وڌيڪ آبادين وارن شهرن مان هڪ بڻجي چڪو آهي پر اهو پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم تي بي بنياد الزام لڳايا وڃن ٿا پر اسان جي ڪارڪنن جي قاتلن کي اڄ تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي. وسيم اختر
ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان جي رهائشگاھ تي هڪ تقريب کي خطاب
ڪراچي: 9 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ايشيا جو سڀني کان وڏي آبادي وارن شهرن مان هڪ شهر بڻجي چڪو آهي ۽ پي پي سنڌ ۾ گذريل 8 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر ان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪجھھ به نه ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪيو هجي ها ته شهر جي اها حالت نه ٿئي ها . انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان جي رهائشگاھ تي منعقد ٿيندڙ  تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جا وڏا وڏا منصوبا اڄ تائين مڪمل نه ڪيا ويا آهن جيڪڏهن ايتري وڏي آبادي کي پاڻي جي حق کان محروم رکيو ويو ته پوءِ عوامي جذبا مجروح ٿيندا ۽ اهو معاملو شدت اختيار ڪري ويندو. انهن چيو ته وزيرستان ۽ مالاڪنڊ ۾ آپريشن جي دوران به خصوصي پيڪيجز ڏنا پيا وڃن پر ڪراچي آپريشن ۾ اهڙوڪوئي به رليف پيڪيج نه ڏنو ويو آهي. انهن چيو ته سابق حڪمرانن اوڀر پاڪستان جي عوام کي انهن جي حقن کان محروم رکيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو هو پر اسان ان مان ڪجھھ به حاصل نه ڪيو آهي. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي تصويرن ۽ خطابن جي نشر و اشاعت تي پابندي لڳائي وئي آهي جيڪا اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائڻ جي برابر آهي. انهن چيو ته اڄ ميڊيا ۾ اهڙن ماڻهن کي ليڊر بڻايو ويو آهي جن پاڻ ڪراچي ۾ غير قانوني هٿيار ورهائڻ جو اعتراف ڪيو هو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪوڙي ۽ بي بنياد ايف آئي آر ڪٽرايون ويون ۽ اسان کي غدار چيو ويو پر جڏهن اسان احتجاجن ملڪ جي ايوانن کان استعيفٰي ڏنا ته سڀني اسان جي سياسي طاقت کي قبول ڪيو.


7/18/2024 6:38:28 AM