ايم ڪيو ايم سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر وسيم زيدي جي والده جي وفات تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جو دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار
شڪاگو: 9 نومبر 2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي انچارج ۽ ميمبرن سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر وسيم زيدي جي والده جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن وسيم زيدي سميت مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.