Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي آئي آهي.خواجه اظهار الحسن


ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي آئي آهي.خواجه اظهار الحسن
 Posted on: 11/9/2015
ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي آئي آهي.خواجه اظهار الحسن
وزير اعلٰي سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 9 نومبر 2015
ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي آئي آهي ان جي ڪري مخالفن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي عوامي طاقت کي تسليم ڪري وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن  وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. انهن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي به ان ڳالھھ کان آگاھ ڪنداسين ته سنڌ ۾ اسان سان اليڪشن کان  اڳ ئي ناانصافيون ٿي رهيون آهن. انهن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها اليڪشن ۾ خيرپور جهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ۽ خيرپور واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا  ڏي ته جيئن سنڌ ۾ ٻئي ۽ ٽئين مرحلي جي اليڪشن جي شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن چيو ته اڄ اسان وزير اعلٰي سنڌ کي باضابطه طور تي مڪاني اليڪشن کان اڳ ڪارڪنن ۽ نامزد اميدوارن جي گرفتارين ۽ امن و امان جي صورتحال جي حوالي سان آگاھ ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه کان اڪيلي سر مڪاني اليڪشن  وڙهندي آئي آهي ۽ الحمد لله عوام اسان کي ڀرپور اڪثريت سان ڪامياب بڻايو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي هن ڀيري به بڻائيندو.


7/18/2024 6:34:44 AM