Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي شاندار فتح عوام دشمنن قوتن جي منھھ تي چماٽ هوندي.رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.


مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي شاندار فتح عوام دشمنن قوتن جي منھھ تي چماٽ هوندي.رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 11/8/2015
مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي شاندار فتح عوام دشمنن قوتن جي منھھ تي چماٽ هوندي.رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
عورتن جي حقن جي جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪائي جماعت علمبردار آهي ته اها صرف ۽ صرف متحده قومي موومينٽ آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
حيدرآباد: 8 نومبر 2015 
                 مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي شاندار فتح عوام دشمنن جي منھھ تي چماٽ هوندي ۽ عورتن جي حقن جي جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪائي جماعت علمبردار آهي ته اها متحده قومي موومينٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبرن شبير احمد قائم خاني ۽ ريحانه نسرين حيدرآباد ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر، حيدرآباد زونل انچارج ۽ ٻيا به موجود هئا. رابطا ڪميٽي ميمبرن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مڪاني اليڪشن جمهوريت جي نرسري هونديون آهن پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون ئي حقيقي جمهوريت کان خوفزده آهن. انهن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ موروثي حڪمراني کي جمهوريت جو نالو ڏنو وڃي ٿو  ۽ ان موروثي حڪمراني جي خلاف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين لازوال جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ هڪ حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي جدوجهد به ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته 19 نومبر تي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان حيدرآباد ۾ هڪ حقيقي جمهوريت قائم ڪندا. ان موقعي تي محترمه ريحانه نسرين چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين عورتن کي هر شعبي ۾ برابري جا حق ڏيارڻ جي لاءِ نه صرف آواز بلند ڪئي بلڪه پنهنجي جماعت ايم ڪيو ايم ۾ به عورتن کي مردن جي برابر حق ۽ اختيار ڏنا. جنهن جي ڪري اڄ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل عورتون ملڪ ۾ رائج فرسوده ۽ جاهلانه رسمن جي خلاف آواز بلند ڪري رهيون آهن. ڪارنر ميٽنگن کي ٻين به خطاب ڪيو.
*****

7/18/2024 6:24:06 AM