Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن کان اڳ ئي پوليس جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جون سازشون پئي ڪري. خواجه اظهار الحسن.


سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن کان اڳ ئي پوليس جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جون سازشون پئي ڪري. خواجه اظهار الحسن.
 Posted on: 11/8/2015
سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن کان اڳ ئي پوليس جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جون سازشون پئي ڪري. خواجه اظهار الحسن.
ڪراچي ۾ اسان جي 29 ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڄامشورو ۾ اسان جي نامزد اميدوارن کي خوف زده ڪيو ويو.
اسيمبلي ميمبرن سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 8 نومبر 2015 
                  سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته سنڌ پوليس جي طرفان سنڌ جي مختلف شهرن خصوصن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون سنڌ حڪومت جي طرفان اليڪشن کان اڳ ئي ڌاندلي جي هڪ وڏي سازش آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر عظيم فاروقي، ريحان ظفر، خالد افتخار ۽ وسيم قريشي به موجود هئا. خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪراچي ۾ اليڪشن کان اڳ ئي اسان جي 29 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سکر ۾ به 21 آڪٽوبر تي اسان جي 21 ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪيو هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسان جي جلسي کي پوليس ٿيڻ نه ڏنو هو. انهن چيو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جي مهم هلائي رهي آهي ته ٻئي طرف پوليس جي طرفان حق پرست مڪاني اميدوارن  جي گرفتاري ۾ تيزي به ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. انهن چيو ته پوليس اسڪيم 33 يونٽ 33 اي جي ڪارڪن عديل رضا خان، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 71 جي ڪارڪنن محمد خالد ،عرفان ۽ وسيم، نيو ڪراچي سيڪٽر يونٽ 141 جي ڪارڪن عمران خان، اورنگي سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن عارف، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪنن شعيب جمال، مخدوم احمد، اورنگي سيڪٽر يونٽ 126 جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر پرويز صديقي، شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن عدنان حسين، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 79 جي ڪارڪنن رضوان احمد، خالد مرزٰي، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 76 جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر عمران خان،  نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 137 اي جي ڪارڪن عمران راجپوت ۽ معاون جنيد اسحاق، اورنگي سيڪٽر يونٽ 121 اي جي ڪارڪن معراج ، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 78 جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن، جهانزيب، فيصل، سرجاني سيڪٽر يونٽ منگهو پير جي ڪارڪن رضي الدين، لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 54 جي ڪارڪن وقار الله، اورنگي سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن محمد جنيد، نارٿ ناظم آباد سيڪٽر يونٽ 143 بي جي ڪارڪن محمد اعظم خان، نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 137 اي جي ڪارڪنن فرقان احمد، عمير شرافت، عزيز شرافت، لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 156 جي ڪارڪن غلام مصطفٰي جاويد، رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ 28 جي ڪارڪن آفتاب ۽ لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 54 جو ڪارڪن وقار الله شامل آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو سڀ ڪجھھ حڪومت جي مرضي تي ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته گندا هٿڪنڊا ستعمال ڪري عوام جون همدرديون حاصل نه ٿيون ڪري سگهجن، انهن چيو ته ڪراچي ۾ پي پي حڪومت جي مرضي تي اليڪشن کان اڳ ئي پوليس کي سياسي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ مڪاني اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. جيڪڏهن مڪاني اليڪشن جي هڪ ڌر پي پي ئي مڪاني اليڪشن ۾ پري پول ريگنگ جي لاءِ پوليس جو استعمال ڪري ته ان سان مڪاني اليڪشن جي شفافيت تي سواليه نشان لڳي وڃي ٿو . انهن چيو ته ڪراچي آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ۽ اسان جي هزارين بي ڏوهي ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.پر ان جي باوجود اسان اليڪشن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيا آهيون. انهن اليڪشن جي مانيٽرنگ ڪرڻ وارين ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي مڪاني اليڪشن ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان مڪاني اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جون ڌڄيون اڏائڻ جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اهي سنڌ حڪومت جي طرفان پوليس کي غير قانوني طور تي استعمال ڪرڻ ۽ پري پول ريگنگ جهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ  جو نوٽس وٺن ۽  ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم کي به مڪاني اليڪشن ۾ ٻين وانگر کليل ميدان ڏنو وڃي ۽ سنڌ حڪومت کي مڪاني اليڪشن جي ضابطه اخلاق جو سختي سان پابند بڻايو وڃي. 
*****

7/18/2024 6:30:50 AM