اقتدار جي پوجارين کي غريبن جي ڪائي به پرواھ نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.
نواب شاھ سيڪٽر ڊي سيد آباد ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
نواب شاھ: 8 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو آهي ته اقتدار جي پوجارين کي غريبن جي ڪائي به پرواھ نه آهي.وڏين وڏين گاڏين ۾ ويهي ڪري گهمڻ وارا اهو نه ٿا سمجهن ته انهن کي ايوانن ۾ اهي غريب ئي پهچائين ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن نواب شاھ ۾ سيد آباد سيڪٽر ڊي ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي ميمبر يوسف منير شيخ، نواب شاھ زونل انچارج ۽ ٻيا به موجود هئا. محمد حسين چيو ته سنڌ ۾ سياست صرف وراثت جي حد تائين آهي پيءُ پوءِ پٽ، ،ڀاڻيجو ۽ ڀائيٽيو ، پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اهڙن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظالمانه سياست کي ناڪام بڻائيندي غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام کي ايوانن ۾ پهچائي ڪري پاڪستان جي سياست کي هڪ نئون شعور ڏنو آهي. ڪارنر ميٽنگ زونل انچارج عبدالمجيد به خطاب ڪيو.
*****