Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن صرف اليڪشن نه بلڪه عوامي ريفرنڊم هوندو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿيندي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن صرف اليڪشن نه بلڪه عوامي ريفرنڊم هوندو،  جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿيندي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 11/8/2015
5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن صرف اليڪشن نه بلڪه عوامي ريفرنڊم هوندو،  جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪامياب ٿيندي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
اسان ڪنهن جا ايجنٽ نه بلڪه محب وطن آهيون ۽ جمهوري طريقي سان پنهنجو جائز حق گهري رهيا آهيون. سي اي سي انچارج وسيم اختر.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ برنس روڊ فريسڪو چوڪ تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 8 نومبر 2015 
                   قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن صرف اليڪشن نه بلڪه عوامي ريفرنڊم هوندو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم عوام جي ووٽن جي ذريعي ڪامياب ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ برنس روڊ تي واقع فريسڪو چوڪ تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي ۾ مڪاني اميدوارن جو تعارف به ڪرايو ويو، جن جو عوام ڀرپور انداز ۾ خير مقدم ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر، سي اي سي ميمبرَ حيدر عباس رضوي، شمع منشي ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فريسڪو چوڪ جي جلسي ۾ عوام ايتري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان مڪاني اليڪشن کٽي چڪا آهيون. انهن چيو ته ڪالھھ جڏهن اسان اسيمبلي ۾ وياسين ته پوري پارليمامينٽ اسان جو ڊيسڪون وڄائي ڪري استقبال ڪيو. انهن چيو ته برنس روڊ وارن جي روڊ تي ويهڻ سان پاڪستان جي حڪومت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اڄ حڪومت کي 1977 ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي. انهن چيو ته 5 ڊسمبر جي مڪاني اليڪشن کان پوءِ ڪراچي کي ايشيا جو سڀني کان وڏو صاف سٿرو شهر بڻائينداسين جنهن کان پوءِ اسان کي پاڪستان جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ حڪمرانن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڦيلائڻ جي ضرورت نه پوندي. انهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايندڙ سال جون ۽ جولائي  تائين ڪراچي کي وڏي مقدار ۾ پاڻي نه ڏنو ويو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي حصول جي لاءِ لساني فساد ٿي سگهن ٿا. ان جي ڪري ڪراچي جا عوام ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي وڃن ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجين ڪوششن سان ڪراچي جي لاءِ هڪ سال جي اندر 500 ايم جي پاڻي فراهم ڪندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم انشاء الله تعالٰي  مڪاني اليڪشن کٽندي ۽ اهي اليڪشن کٽي ڪري اسان ميئر کي بااختيار بڻائينداسين ۽ 5 ڊسمبر تي ڪراچي جي سمورن چينلن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تصوير ۽ خبر به نشر ٿيندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته جهڙي طرح ايم ڪيو ايم ميرٽ تي پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪئي آهي اهڙي طرح سان ٻئي ڪنهن به جماعت پنهنجا نمائندا نه چونڊيا آهن بلڪه انهن ته هميشه وانگر هن ڀيري به پنهنجن مٽن مائٽن کي ئي ٽڪيٽ ڏنا آهن.انهن چيو ته گذريل ٻن سالن کان  جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ اسان تي الزام لڳايا پيا وڃن، ان جو جواب اسان کي 5 ڊسمبر تي مثالي ڪاميابي حاصل ڪري ڏيڻو آهي ۽ انهن کي ٻڌائڻو آهي ته اسان را  جا اينجٽ نه بلڪه محب وطن آهيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدرعباس رضوي چيو ته حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف 8 جماعتي اتحاد قائم ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود انشاء الله تعالٰي فتح حق پرستن جي ٿيندي. انهن چيو ته هن مڪاني نظام کي سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو آهي جيڪو هڪ لولو لنگڙو نظام آهي. جلسي کي سي اي سي ميمبر شمع منشي به خطاب ڪيو.
*****

7/18/2024 6:29:58 AM