لاهور ۾ چار منزله عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 4 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ فيڪٽري ڪرڻ جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ان واقعي ۾هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. ان کان علاوه جناب الطاف حسين ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. جناب الطاف حسين پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها فيڪٽري ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن جي لاءِ معاوضي جو اعلان ڪري ۽ زخمين کي سرڪاري خرچ تي علاج معالجي جون سهولتون به فراهم ڪري .
*****