ڪي ڪي ايف جي طرفان پنج ڏينهن اڳ موڪليل 5 ڪنٽينرن تي ٻڌل ڪروڙين روپين جو امدادي سامان پشاور جلوزئي ڪيمپ ۾ پي ڊي ايم اي جي عهديدارن جي حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي: 5 نومبر 2015
ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي طرفان موڪليل 5 ڪنٽينرن تي ٻڌل ڪروڙين روپين جو امدادي سامان پشاور ۾ پي ڊي ايم اي جي عهديدارن جي حوالي ڪيو ويو. امدادي سامان جا اهي ڪنٽينر حق پرست سينيٽرن ميان عتيق، بيرسٽر محمد علي سيف، قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سهيل، ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي ارشد وهرٰي ۽ ٻين پي ڊي ايم اي جي عهديدارن شوڪت يوسف زئي ۽ ٻين جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم اي جي عهديدارن زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ پاڻ سامان پهچائڻ جي عمل کي ساراهيو، ايم ڪيو ايم جي جذبي جي تعريف ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو دل جي گهرائين سان شڪريو به ادا ڪيو.
*****