Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جو يوسي 21 گزد آباد ۽ يوسي 23 نانڪ واڙه ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي چونڊ آفيسن جو افتتاح ۽ عوام کي خطاب.


مڪاني اليڪشن  جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جو يوسي 21 گزد آباد ۽ يوسي 23 نانڪ واڙه ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي چونڊ آفيسن جو افتتاح ۽ عوام کي خطاب.
 Posted on: 11/5/2015
مڪاني اليڪشن  جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جو يوسي 21 گزد آباد ۽ يوسي 23 نانڪ واڙه ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي چونڊ آفيسن جو افتتاح ۽ عوام کي خطاب.
ڪراچي: 5 نومبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ يوسي 21 گزد آباد ۽ يوسي 23  نانڪ واڙه ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي چونڊ آفيسن جو افتتاح ڪيو ۽ رنڇوڙ لائين جي مختلف علائقن جي مارڪيٽن جو دورو به ڪيو ۽ ريڙهي وارن، دڪاندارن، واپارين ۽ انجمنن جي عهديدارن سان ملاقات به ڪئي . سي اي سي ميمبر ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا. ان موقعي تي اهي جي پنچ مُکي هنومان جي مندر ويا  ۽ هندو برادري جي اهم شخصيتن کي خطاب به ڪيو ۽ نامزد حق پرست اميدوارن جو تعارف به ڪرايو. ان کان علاوه مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي شهر جي مقبول ترين جماعت آهي ۽ ڪراچي شهر جي عوام جو اعتماد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي اهڙي طرح ئي قائم آهي جهڙي طرح ماضي ۾ هو بلڪه اڄ ته ان کان به وڌيڪ آهي. انهن چيو ته نام نهاد سياسي جماعتن مڪاني اليڪشن جي انعقاد تي تاخيري حربا استعمال ڪري حقيقت ۾ ڪراچي کي پٽتي ڌڪيو آهي، ان جي ڪري عوام هاڻي انهن جماعتن جي نام نهاد اڳواڻڻ کي چڱي نموني سڃاڻي چڪا آهن ۽ انهن کي مڪاني اليڪشن ۾ به رڌ ڪري ڇڏيندا . انهن چيو ته اڄ شهر ۾ هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن، ڪني پاڻي جي نيڪر جو نظام به تباھ لڳو پيو آهي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جو به فقدان آهي ۽ اهو سڀ ڪجھھ ان جي ڪري آهي جو  گذريل ستن سالن کان مڪاني اليڪشن نه ٿيا آهن.آخر ۾ انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي خدمت جو موقعو ڏين. 
*****

7/18/2024 6:40:17 AM