Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ واريون قوتون حب الوطني جي تقاضن کي پورو نه ٿيون ڪن. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.


ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ واريون قوتون حب الوطني جي تقاضن کي پورو نه ٿيون ڪن. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.
 Posted on: 11/5/2015
ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ واريون قوتون حب الوطني جي تقاضن کي پورو نه ٿيون ڪن. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.
پنجاب جي مڪاني اليڪشن ۾ نام نهاد جماعتن پنهنجن مٽن مائٽن کي ٽڪيٽ ڏنا ۽ غريب ۽ وچولي طبقي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. وسيم اختر.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ نارٿ ناظم آباد بفر زون ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 5 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه زرين مجيد چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي جنهن جذبي سان ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن عوامي خدمت جي لاءِ نڪتا آهن ان جذبي کي ٺڪرائي نه ٿو سگهجي. انهن خيالن جو اظهار انهن نارٿ ناظم آباد بفرزون ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ريحان هاشمي، شيخ صلاح الدين، خواجه اظهار الحسن، جمال احمد، رئوف صديقي، انور رضا، شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي، سي اي سي ميمبر هير سوهو، شمع منشي ۽ ٻيا به موجود هئا. محترمه زرين مجيد چيو ته ايم ڪيو ايم جي مخالفن تعصب ۽ عصبيت جون سڀئي حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. انهن چيو ته سکر ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جون ڪاميابيون ان ڳالھھ جو ثبوت آهن ته ايم ڪيو ايم ڪمزور نه بلڪه مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ واريون قوتون حب الوطني جي تقاضن کي پورو نه ڪري رهيون آهن. انهن چيو ته  ايم ڪيو ايم سان گهڻو ئي ظلم ۽ ناانصافي ٿي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو، هزارين اڄ به جيلن ۾ ۽ لاپتا آهن، پر ان جي باوجود به اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي ڇڏڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ انصاف جا منتظر آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي سي اي سي انچارج وسيم اختر چيو ته پنجاب جي مڪاني اليڪشن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي پنهنجن مٽن مائٽن کي ٽڪيٽون  ڏنيون ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته جمهوريت جا وڏا وڏا دعوٰي ڪرڻ وارين جماعتن مسلم ليگ ن ۽ پي پي کي ڪيترائي ڀيرا اقتدار مليو  پر انهن ملڪ جي سياست کي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن خاندانن  جي لاءِ پيسي بڻائڻ جي فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي ۽ عوام اڄ به لاوارث آهن.انهن چيو ته جناب الطاف حسين واحد ليڊر آهن جن ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي قيادت متعارف ڪرائي ۽ انهن کي ايوانن ۾ موڪلي ڪري جاگيردارن ۽ وڏيرن جي وچ ۾ ويهاري ملڪ جي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي.ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن، ريحان هاشمي، جمال احمد، رئوف صديقي ۽ انور رضا به خطاب ڪيو.
*****


7/18/2024 6:30:30 AM