Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

غير قانوني ڇاپا ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي زلزلي متاثرن جي مدد ۽ مڪاني اليڪشن جي مهم هلائڻ کان هرگز به روڪي نه ٿيون سگهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


غير قانوني ڇاپا ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي زلزلي متاثرن جي مدد ۽ مڪاني اليڪشن جي مهم هلائڻ کان هرگز به روڪي نه ٿيون سگهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 11/5/2015
غير قانوني ڇاپا ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي زلزلي متاثرن جي مدد ۽ مڪاني اليڪشن جي مهم هلائڻ کان هرگز به روڪي نه ٿيون سگهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 5 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر ۽ ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ انهن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر يوپي سوسائٽي نارٿ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 135-B  جي ڪارڪن شاهنواز کي انهن جي گهر تان گرفتار ڪري ورتو، اهڙي طرح ساده لباس پهريل اهلڪارن پاڪ ڪالوني سيڪٽر يونٽ 191 جي ڪارڪنن عامر راجو ۽ عمران بدر، اورنگي ٽائون سيڪٽر 124 جي ڪارڪن فخر عالم، نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 137-A جي ڪارڪن جنيد اسحاق، نارٿ ڪراچي سيڪٽر 133-C   جي ڪارڪن فرحان محمد خان، اورنگي ٽائون يونٽ 121-B  جي ڪارڪن احسن احمد، اورنگي ٽائون يونٽ 121-A  جي ڪارڪن معراج ۽ لانڍي يونٽ 83 جي ڪارڪن محمد سهيل انصاري، جڏهن ته شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن منصور علي، فيڊرل بي ايريا جي ڪارڪن شاهد امين ۽ قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 122-B جي ڪارڪن انصار احمد کي رينجر اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن گرفتارين سان ايم ڪيو ايم کي زلزلي متاثرن جي لاءِ امداد گڏ ڪرڻ ۽ مڪاني اليڪشن جي مهم هلائڻ کان هرگز به روڪي نه ٿو سگهجي ۽ اهي گرفتاريون انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ شڪايات ازاله ڪميٽي کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي روڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم کي مڪاني اليڪشن ۽ زلزلي متاثرن جي خدمت کان روڪڻ جي عمل ۾ ملوث عناصر جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****


6/30/2024 3:14:47 PM