Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت پهرين ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پنهنجا ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جو پابند بڻائي ۽ پوءِ ڪراچي جي شهرين کي نصيحت ڪري. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


سنڌ حڪومت پهرين ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پنهنجا ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جو پابند بڻائي ۽ پوءِ ڪراچي جي شهرين کي نصيحت ڪري. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 11/4/2015
سنڌ حڪومت پهرين ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پنهنجا ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جو پابند بڻائي ۽ پوءِ ڪراچي جي شهرين کي نصيحت ڪري. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 4 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته سڄي ملڪ کي ڇڏي ڪري صرف ڪراچي ۾ شهرين تي ڊرائيونگ لائسنس ساڻ کڻي ڪري هلڻ جي پابندي ۽ لائسنس نه هجڻ تي شهرين جي خلاف غير قانوني قدم کڻڻ  سنڌ حڪومت جي کليل ڪراچي دشمني آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ  ۽ ڊرائيونگ لائسنس ساڻ کڻي ڪري هلڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ انهن جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪائي غلط ڳالھھ نه آهي پر پوري ملڪ کي ڇڏي ڪري صرف ڪراچي جي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ وڏو ظلم ۽ پي پي حڪومت جي ڪراچي دشمني آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته  ڪراچي جي شهرين کي پوليس، رينجر ۽ حڪومتي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ ۽ ظلم جو نشانو بڻائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي طرفان روز روز نوان هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ ڊرائيونگ لائسنس جي نالي تي گرفتارين ۽ جرمانه عائد ڪرڻ به ڪراچي جي شهرين سان سنڌ حڪومت جي نفرت ۽ تعصب تي ٻڌل قدم آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ حڪومت پوليس جي ذريعي ڪراچي جي شهرين کي ته ڊرائيونگ لائسنس ساڻ نه رکڻ تي گرفتاري جهڙا قدم کڻي رهي آهي پر پاڻ ٽريفڪ پوليس جا 90 سيڪڙو آفيسر ۽ اهلڪار ڊرائيونگ لائسنس نه ٿا رکن. ان جي ڪري پهرين سنڌ حڪومت انهن کي پنهنجا ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جا آرڊر ڪري ۽ پوءِ ڪراچي جي شهرين جي لاءِ سوچي. 
*****

6/30/2024 3:15:31 PM