لاهور ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مزدورن جي دٻجي ڪري فوت ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 4 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻجي ڪري هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ مزدورن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ آهي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف کان مطالبو ته اهي واقعي جي غير جانبدارانه تحقيقات ڪرائي ذميوارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪن ۽ مٽي جي ڍير هيٺان پوريل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ.
*****