Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي برقرار رکي وئي ته ان سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڪمال ملڪ ۽ عادل خان.


ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي برقرار رکي وئي ته ان سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڪمال ملڪ ۽ عادل خان.
 Posted on: 11/4/2015
ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي برقرار رکي وئي ته ان سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڪمال ملڪ ۽ عادل خان.
پي آئي بي ڪالوني ۾ هڪ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 4 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪمال ملڪ ۽ عادل خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي مخالفن جا ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ عوام کي جناب الطاف حسين کان پري ڪرڻ جا ڪوڙا دعوٰي اڄ هزارين ماڻهن جي جلسي ۾ شرڪت ڏسي ڪري ناڪام ٿي ويا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن پي آئي بي ڪالوني ۾ هڪ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبرَ احمد سليم صديقي، منور السلام، حق پرست اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻيا به موجود هئا. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم تي وار ڪرڻ پاڪستان تي وار ڪرڻ جي برابر آهي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪمزورڪرڻ جي پاليسي برقرار رکي وئي ته ان سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان کي سيکاريو آهي ته انسانيت جي خدمت سڀني کان وڏي عبادت آهي ۽ اسان ان تي عمل ڪندا رهنداسين. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي جيتري به شدت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اها اوترو ئي اڀرندي. جلسي کي احمد سليم صديقي، منور السلام۽ ڊاڪٽر صغير احمد به خطاب ڪيو.
*****

6/30/2024 3:14:03 PM