Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جو اصل تعارف جناب الطاف حسين آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب ۽ اسلم آفريدي.


مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جو اصل تعارف جناب الطاف حسين آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب ۽ اسلم آفريدي.
 Posted on: 11/4/2015
مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جو اصل تعارف جناب الطاف حسين آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب ۽ اسلم آفريدي.
شاھ فيصل ڪالوني ۾ هڪ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 4 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ اسلم آفريدي چيو آهي ته عوام وٽ روڊ، نوٽ ۽ ووٽ جي طاقت آهي ۽ ٽئي طاقتون عوام جناب الطاف حسين کي ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي انهن جي قيادت ۾ متحد ۽ منظم آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن شاھ فيصل ڪالوني نمبر 2 ۾ هڪ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبرياڻيون هير سوهو ۽ شمع منشي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. رابطا ڪميٽي جي ميمبرن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شاھ فيصل جي عوام ايترو وڏو پنڊال سجائي ڪري اها ڳالھھ ثابت ڪري ڇڏي آهي ته مهاجرن کي ڪارو دانگي، زنده لاشون ۽ بکين ننگن جهڙا لقب ڏنا وڃن ٿا، پر اهي لقب ڏيڻ وارا اهو ڄاڻي وٺن ته 70 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏيئي ڪري اهي بکيا ننگا ئي انهن جو پيٽ پالي رهيا آهن ۽ انهن جو جسم ڍڪي رهيا آهن ۽ پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ قربانيون به ڏيئي رهيا آهن. انهن چيو ته مهاجرن پاڪستان جي عوام کي شعور ڏنو ۽ پنهنجي پاڻ کي زنده لاشون چورائڻ ته پسند ڪيو پر تعصب ۽ نفرت جي سياست کي فروغ نه ڏنو. ڇو ته ان تعصب ۽ نفرت جي خاتمي جي ئي جنگ ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ وڙهي رهي آهي. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جو اصل تعارف جناب الطاف حسين ئي آهن ۽ عوام کي جناب الطاف حسين کان پري ڪرڻ وارا پنهنجين سازشن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. جلسي کي سي اي سي ميمبرن هير سوهو، شمع منشي ۽ اسيمبلي ميمبرن اقبال محمد علي ۽ نشاط ضياء قادري به خطاب ڪيو. 
*****

6/30/2024 3:21:20 PM