اسان عدالت ۾ پنهنجي قانوني جنگ آخر تائين وڙهندا سين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪوئي به گوڙ نه ڪري رهيا آهيون ، اسان جا وڪيل ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن.
مهاجرن جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو پيو وڃي پر جڏهن ته ٻئي طرف داعش، طالبان ۽ القائده جي ماڻهن کي کليل آزادي ڏني وئي آهي، تعصب پرست ۽ شائونسٽ عناصر مهاجرن کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن.
خيرپور ۾ 13 ماڻهن کي گوليون هڻي ڪري قتل ڪيو ويو پر نه ته خيرپور ۾ ڪرفيو نافذ ڪيو ويو ۽ نه ئي هٿيارن جي بازيابي جي لاءِ گهر گهر ڇاپا هنيا ويا.
رابطا ڪميٽي، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن: 4 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪوئي به گوڙ نه ڪري رهيا آهيون. اسان جا وڪيل ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن، اسان عدالت ۾ پنهنجي قانوني جنگ آخري وقت تائين وڙهندا سين. ظلم ڪرڻ وارا پنهنجو ظلم ڪندا رهن، اسان ظلم تي صبر ڪندا رهنداسين، ڏسون ٿا ته انهن جو ظلم ڪم ڪري ٿو يا اسان جو صبر ڪم ڪري ٿو. ڪارڪن ۽ ذميوار منهنجي تقرير تي پابندي کان هرگز به مايوس نه ٿين، ٽي وي چينلن تي منهنجي تقرير تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي پر منهنجي سوچ ۽ فڪر تي پابندي لڳائي نه ٿي سگهجي، منهنجي سوچ ۽ فڪر، نظريي ۽ آئيڊيالاجي کي قيد ڪري نه ٿو سگهجي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن جي ميمبرن جي هنگامي اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين جو خطاب آمريڪا، ڪينيڊا، بيلجيئم، سائوٿ آفريڪا، ناروي، آسٽريليا، سوئيڊن ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن ۾ به ٻڌو ۽ ڏٺو ويو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين اي پي ايم ايس او ۽ ايم ڪيو ايم جي قيام جا سبب ۽ حق پرستانه جدوجهد جي دوران پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته مهاجرن جي خلاف 1947 کان وٺي ڪري اڄ تائين مختلف وقتن، حڪومتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي طرفان تعصب وارا قدم کنيا ويندا رهيا آهن. 11 جون 1978 تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ اي پي ايم ايس او جي قيام کان پوءِ به قوم کي تمام تر واقعن ۽ تاريخي حقيقتن کان آگاھ ڪيو ويندو رهيو ۽ آهستي آهستي حق پرستي جو پيغام ڦيلجندو رهيو. اڃان ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جي قيام کي صرف 3 سال ئي ٿيا هئا ته 3 فيبروري 1981 تي جميعت اي پي ايم ايس او تي وحشياڻو حملو ڪري ڏنو. پوري سنڌ، ڪراچي ۽ خصوصن ڪراچي يونيورسٽي ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم، اسلامي جمعيت طلباء ۽ ٻين شاگرد تنظيمن جي طرفان مهاجر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ظلم جو نشانو بڻايو ويو ۽ انهن تي تشدد ڪيو ويو. انهن تي ٺٺوليون ڪيون ويون
۽ انهن کي ڪيترن ئي طريقن سان تنگ ڪيو ويندو رهيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو بلڪل اهڙو ئي رويو هو جهڙو جو اولھھ پاڪستان جي علائقن ۾ غريب بنگالي دڪاندارن سان رکيو ويندو هو. حرڪتي ڇوڪرن جو ٽولو غريب بنگالي دڪاندار کان سامان وٺندو هو ۽ پيسا ادا ڪرڻ کان سواءِ ئي هليو ويندو هو ۽ جڏهن اهو غريب دڪاندار پنهنجا پيسا وٺڻ جي لاءِ انهن ڇوڪرن جي پويان ويندو هو ته اهي حرڪتي ڇوڪرا انهن جي گوڏ ڇڪي ڪري انهن کي اگهاڙو ڪري ڇڏيندا هئا. انهن غريب بنگالين سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو هو ڄڻ ته اهي انسان نه بلڪه ڪا الگ مخلوق آهن. حڪومت انتظاميه، پوليس ۽ پاڙي وارا اهي دردناڪ منظر ڏسندا هئا پر ڪوئي به انهن حرڪتي ڇوڪرن کي روڪي ڪري اهو نه چوندو هو ته اهو عمل غلط آهي. اهو عمل صرف اولھھ پاڪستان ۾ ئي نه ٿيندو هو پر اهو ڪم سابق اوڀر پاڪستان ۾ به جتي بنگالين جي اڪثريت هئي اتي به اولھھ پاڪستان کان ويندڙ حڪومت ڪندا هئا ۽ بنگالي عوام سان غيرن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ ۾ سنڌي اردو ڳالهائڻ وارن سميت،پٺاڻڻ، پنجابين ۽ بلوچن سميت مختلف قومون آباد آهن. پر سنڌ ۾ ٻه وڏيون قومون آباد آهن، جن جي مادري زبان سنڌي ۽ اردو آهي. سنڌ ۾ اڪثريت ۾ بلوچ آهن جيڪي سنڌي چورائن ٿا پر انهن جي گهرن ۾ مادري زبان بلوچي ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙي طرح پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻيون قومون به رهن ٿيون جن جي مادري زبان الڳ آهي.انهن فرمايو ته گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ آدمشماري نه ٿي آهي جڏهن ته 1998 ۾ ٿيندڙ آدمشماري به فقط هڪ جهٽڪو آدمشماري هئي. جڏهن ته اڄ سنڌ جي آبادي تقريبن 8 کان 9 ڪروڙ ٿي چڪي آهي ۽ ڪراچي جي آبادي سوا ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. پر سنڌ ۽ ڪراچي ۾ آدمشماري جي بجاءِ اعداد و شمار جو گورڪ ڌندو ۽ گمراھ ڪندڙ اعداد و شمار پيش ڪري سنڌ ۽ ڪراچي جي اصل آبادي کي لڪايو وڃي ٿو. ته جيئن سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام کي بجيٽ ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ جائز حصو نه ڏنو وڃي. انهن فرمايو ته پنهنجي عددي اڪثريت ڏيکارڻ جي لاءِ جاگيردارن، وڏيرن ۽ دولتمندن اردو ڳالهائڻ وارن سان ٽئين درجي جي شهري جهڙو سلوڪ ڪيو، اندرون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جون وڏيون زمينون هيون، جيڪي ايوب خان ۽ يحيٰي خان جي دور تائين انهن جي ملڪيت هيون. پر ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ سازش جي تحت لساني فساد ڪرايا ويا ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون جو اردو ڳالهائڻ وارن جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهڻ حرام ڪيو ويو، جيڪي اردو ڳالهائڻ وارا زراعت جي پيشي سان وابسته هئا. انهن جي زمين ۽ بيٺل فصلن کي باھ ڏيئي ڪري مالي نقصان پهچايو وڃڻ لڳو ۽ انهن تي حملا ڪيا وڃڻ لڳا. انهن جي گهرن تي قبضا ڪيا وڃڻ لڳا. جنهن جي ڪري اردو ڳالهائڻ وارن کي پنهنجا ڀريل گهر ، ڪاروبار ۽ زمينون ڀڳڙن مٽ وڪڻي ڪري يا ڇڏي ڪري ڀڄڻو پيو. ان موقعي تي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجن خاندانن سان پيش ايندڙ واقعا بيان ڪري جناب الطاف حسين جي بيان ڪيل واقعن جي گواهي ڏني. جناب الطاف حسين پنهنجي تقرير ۽ تصوير جي اشاعت ۽ نشر ڪرڻ تي پابندي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته اڄ سپريم ڪورٽ به ان حوالي سان لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ فاضل ججن اها آبزرويشن ڏني هئي ته لاهور هائي ڪورٽ اها پابندي 15 ڏينهن جي لاءِ لڳائي هئي. جيڪا ختم ٿي چڪي آهي. پر ان جي باوجود سپريم ڪورٽ لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکي ڪري ان کي ٻيهر لاهور هائي ڪورٽ موڪلي ڇڏيو آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته منهنجي خلاف مقدمي ڪرڻ وارن جا به وڏا وڏا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا پر ٻڌڻي جي دوران انهن وڪيلن به ايترو نه ڳالهايو جيترو نواز شريف حڪومت جي ايڊيشنل اٽارني جنرل ڳالھايو. اهي عدالت ۾ ڪيتري ئي دير تائين دليل ڏيندا رهيا ته اهو وطن جي عزت جو مسئلو آهي ۽ غداري آهي،ان تي غداري جو مقدمو بڻجڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي قائد جي تقرير تي پابندي هڻڻ جي بجاءِ انهن جي جماعت تي ئي پابندي لڳائي ڪري ان کي ختم ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت جي ايڊيشنل اٽارني جنرل جي ڳالهين مان لڳي رهيو هو ته جيڪڏهن انهن کي اجازت ملي ها ته اهي کلي ڪري چون ها ته جيٽ جهازن جي ذريعي بمباري ڪري هڪ هڪ اردو ڳالهائڻ واري کي ختم ڪري ڇڏجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته آخر اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي؟ ڇا حقيقتون بيان ڪرڻ ڪوئي ڏوھ آهي؟ جيڪڏهن ملڪ جي سڀني کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ کان به مون کي انصاف نه ملي ته مان ڪيڏانهن وڃان؟ اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪوئي به جهيڙو نه ڪري رهيا آهيون. اسان جا وڪيل ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن ۽ اسان عدالت ۾ پنهنجي قانوني جنگ آخر وقت تائين وڙهندا سين. جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي چيو ته اوهان سپريم ڪورٽ جي طرفان پابندي جي فيصلي تي ڪنهن به طرح مايوس نه ٿيو، ظلم ڪرڻ وارا پنهنجو ظلم ڪندا رهن، اسان ظلم تي صبر ڪندا رهنداسين. ڏسون ٿا ته انهن جو ظلم ڪم ڪري ٿو يا اسان جو صبر ڪم ڪري ٿو. جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي چيو ته اوهان منهنجي تقرير تي پابندي کان هرگز به مايوس نه ٿيو، ٽي وي چينلن تي منهنجي تقرير تي پابندي ضرور لڳائي سگهجي ٿي پر منهنجي سوچ ۽ فڪر تي پابندي لڳائي نه ٿي سگهجي. منهنجي سوچ ۽ فڪر، نظريي ۽ آئيڊيالاجي کي قيد نه ٿو ڪري سگهجي. آئيڊيالاجي يا نظريو ڏيڻ واري کي ته جيل يا سرحد ۾ قيد ڪري سگهجي ٿو، پر ڪنهن آئيڊيالاجي يا پوليٽيڪل فلاسفي کي قيد ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو ته نظريو سرحدن جو محتاج نه هوندو آهي. نظريو سرحدن جون حدون اورانگهي ڪري ڦيلجندو رهي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو اوهان جي علم ۾ هوندو ته مڪاني اليڪشن جي دوران خيرپور ۾ 13 ماڻهن کي گوليون هڻي ڪري قتل ڪيو ويو پر نه ته خيرپور ۾ ڪوئي ڪرفيو نافذ ڪيو ويو ۽ نه ئي هٿيارن جي بازيابي جي لاءِ گهر گهر ڇاپا هنيا ويا. انهن شرڪاء کان پچيو ته ڇا ڪراچي ۾ جهادين جي ڪنهن هڪ به مدرسي تي رينجر ڇاپو هنيو؟ جنهن تي شرڪاء جواب ڏنو ته بلڪل به نه. جناب الطاف حسين وري پچيو ته ڇا رينجر اهڙي ڪنهن هنڌ ڪائي ڪاروائي ڪئي جتي القائده، طالبان ۽ داعش جي ماڻهن جو ڪنٽرول آهي؟ جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر وارن ڪن هنڌن تي ته ڪاروائي ڪئي پر اتي انهن کي جهادين جي طرفان سخت مزاحمت جو سامنو ڪرڻو پيو، پر جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي وارن علائقن ۾ هزارين ڇاپا هنيا ويا. اتي ڪنهن به رينجر يا پوليس واري تي هڪ به پٿري نه هنئي وئي. پر ان جي باوجود به اسان کي ملڪ دشمن ، دهشت گرد ۽ غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. انهن وڌيڪ فرمايو ته اسان دهشت گردن جي گرفتاري جي خلاف نه آهيون. اوهان دهشت گردن کي ثبوتن ۽ شاهدين سان گڏ گرفتار ڪريو ڀلي انهن ۾ الطاف حسين جو ڀاءُ ئي شامل ڇو نه هجي ان کي به پڪڙيو ۽ قانون جي تحت سزا ڏيو پر ماورائي عدالت قتلن، حراست جي دوران ماورائي عدالت قتلن ۽ انهن 200 ڪارڪنن جي لاپتا ڪرڻ جو حساب ڪير ڏيندو. جن کي انهن جي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو ويو. جناب الطاف حسين سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان منهنجي قيادت ۾ تحريڪي جدوجهد ڪندا رهيو. شهيد، زخمي ۽ لاپتا ٿيندا رهيو. دربدر ٿيندا رهيو. پر هاڻي اوهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ايم ڪيو ايم کي قائم رکڻو آهي يا نه . انهن فرمايو ته ظلم جي انتها اها آهي ته بغير لائسنس جون گاڏيون پوري پاڪستان ۾ هلايون وڃن ٿيون. ايستائين جو ملڪ ۾ بغير نمبر پليٽ جون گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون هلايون وڃن ٿيون. جيڪڏهن ان جي خلاف پوري پاڪستان ۾ قانون جي مطابق ايڪشن ورتو وڃي ها ته اهو انصاف هجي ها پر پوري پاڪستان کي ڇڏي ڪري صرف ڪراچي ۾ اهو قانون مسلط ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هڪ مهيني ۾ ڊرائيونگ لائسنس نه ٺهرايو ويو ته بغير لائسنس وارين گاڏين هلائڻ وارن کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. منهنجو سوال اهو آهي ته اهو قانون پوري ملڪ ۾ لاڳو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڪراچي ۾ هٿيارن جي ڳولا جي آڙ ۾ گهر گهر ڇاپا هنيا پيا وڃن پر مڪاني اليڪشن جي دوران مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي جي ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙا ٿيا. جن ۾ ڪيترائي ماڻهو هلاڪ ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. پر نه ته انهن علائقن ۾ فوج ۽ رينجر موڪلي وئي ۽ نه ئي گهر گهر تلاشيون وٺي ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا. انهن فرمايو ته اندرون سنڌ کان مهاجرن کي ڪڍي ڪري انهن جي ڪاروبار، گهر بار، زمينن ۽ جائيدادن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ڪراچي ۾به جتي مهاجرن جي اڪثريت آهي ۽ عوام هڪ جهنڊي هيٺان گڏ آهن. اتي به هڪ طرف ته مهاجرن جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو پيو وڃي، پر ٻئي طرف داعش، طالبان ۽ القائده جي ماڻهن کي کليل آزادي ڏني وئي آهي. انهن فرمايو ته الله سائين جو شڪر آهي ته صفورا سانحي تي اسماعيلن جي بسن تي حملا ڪرڻ وارا پڪڙيا ويا. جيڪي تعليم يافته هئا ۽ انهن جو تعلق اسلامي جميعت طلبه سان ثابت ٿي ويو، نه ته ان سانحي ۾ به ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي هئي. انهن فرمايو ته جميعت سان تعلق رکڻ وارن انهن دهشت گردن داعش جوائن ڪئي هئي ۽ اڄ منهنجي اها ڳالھھ نوٽ ڪري وٺجي ته جتي به جماعت اسلامي ۽ جميعت موجود آهي. اتي انهن جي گهرن ۾ داعش جي موجودگي کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. هن وقت شهري علائقن ۾ واحد جماعت اسلامي ۽ اسلامي جميعت طلباء آهي جتي داعش جي ماڻهن پناھ ورتي آهي. ٻه ڏينهن اڳ به ڪراچي يونيورسٽي ۾ جميعت جي دهشت گردن ڪرڪيٽ کيڏڻ وارين شاگردياڻين تي حملو ڪري انهن کي رتو رت ڪري ڇڏيو. انهن فرمايو ته اها ڳالھھ افسوسناڪ آهي ته عوام اخبارن ۽ ٽي وين تي منفي پروفيگنڊا ٻڌي ڪري انهن تي ته يقين ڪري وٺن ٿا پر پنهنجي قوم تي ظلم ڪرڻ وارن کي نه ٿا سڃاڻين. وقت جو تقاضا آهي ته تحريڪ سان وابسته هڪ هڪ ماڻهو کي پنهنجي ۽ پنهنجين نسلن جي بقا جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. پر ڪجھھ ذميوار ، ڪارڪن ۽ عوام جدوجهد ڪرڻ جي بجاءِ گروپ بندين جو شڪار آهن. پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن گڏيل دشمنن جي سازشن کي سمجهڻ کان قاصر آهن. انهن فرمايو ته اسان آگسٽ 1991 ۾ اعلان ڪيو هو ته ايندڙ سال 14 آگسٽ 1992 تي مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو. پر ان کان اڳ ئي جو 14 آگسٽ 1992 اچي ها 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي. صرف جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ فوج جي پاليسي تبديل ٿي جنهن جي دوران اسان کي تورڙو ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان1992 کان وٺي ڪري اڄ تائين اهو ظلم جو سلسلو جاري آهي. ۽ اڄ اهو ڏينهن به اچي ويو آهي جو منهنجي تقرير تي به پابندي لڳائي وئي آهي. جيڪڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار بي گناھ شهرين کي پڪڙي ڪري ۽ تشدد ڪري ۽ گوليون هڻي ڪري انهن جون لاشون روڊن تي اڇلائي ڇڏين ته ڇا ان عمل کي آئيني ڳالھھ چيو ويندو. مان ان ناجائز عمل کي ناجائز چيو ته منهنجي تقرير تي پابندي لڳائي وئي. جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي چيو ته منهنجي تقرير تي پابندي جو معاملو وڪيل ڏسي رهيا آهن. اوهان ان تي مايوس ٿيڻ جي بجاءِ همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺو. پنهنجي سموري توانائي مڪاني اليڪشن ۾ تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ جي صرف ڪريو. گهٽي گهٽي ۽ پاڙي پاڙي ۾ وڃو ۽ عوام کي هوشيار ڪريو، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان ڪم ڪريو. باقي الله تعالٰي تي ڇڏي ڏيو. انشاء الله تعالٰي اسان ڪامياب ٿينداسين. انهن فرمايو ته جيڪي تعصب پرست ۽ شائونسٽ عناصر 1947 کان وٺي ڪري اڄ تائين هر دور ۾ مهاجرن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ۽ سازشون ڪندا آيا آهن. اهي ئي عناصر اڄ به اسان کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. اسان هر جماعت ۽ هر سياسي رهنما جو ساٿ ڏنو، انهن سان اتحاد ڪيو پر انهن مان هر هڪ اسان سان ڌوکو ڪيو ۽ اسان تي ظلم ڪيو. انهن سمورين ڳالهين جي باوجود اسان نه ڪالھھ مايوس ٿياسين ۽ نه اڄ مايوس ٿينداسين ۽ تمام تر ظلمن جي باوجود پنهنجن حقن جي جدوجهد جاري رکنداسين. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو پهرين ئي ڏينهن کان اهو ئي درس رهيو آهي ته تحريڪ ۾ دوستي جو رشتو تحريڪ جي لاءِ زهر قاتل هوندو آهي. ڇو ته دوستي جو رشتو گروپ بندي کي جنم ڏيئي ٿو ۽ گروپ بندي تحريڪ ۾ انتشار پيدا ڪري ٿي. هن تحريڪ جي مشن و مقصد جي جدوجهد ۾ هزارين ڪارڪنن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. اسيرن قيد جو تڪليفون برداشت ڪيون آهن. ان جي ڪري تحريڪ جا ذميوار ۽ ڪارڪن شهيدن جي رت جو پاس رکندي پاڻ ۾ دوستي ۽ گروپ بندي ختم ڪري ڇڏين. انهن برائين کي پنهنجن ذهنن کان ئي نه بلڪه جسم جي هڪ هڪ گهرڙي مان به ڪڍي ڇڏين. هڪ ٿي وڃو، تحريڪ کي ان جي منزل جي وڌيڪ ويجهو ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجن ذاتي مفادن جي باري ۾ سوچڻ جي بجاءِ تحريڪ ۽ قوم جي گڏيل مفادن جي لاءِ ڪم ڪريو. پسند ۽ نا پسند جي بجاءِ ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ڪريو ۽ اليڪشن ۾ اهڙن ايماندار ماڻهن کي اڳتي آڻيو جيڪي پنهنجن ذاتي مفادن جي لاءِ نه بلڪه عوام جي گڏيل مفادن جي لاءِ ڪم ڪن.، جيڪي اوهان کي نه بلڪه پنهنجن علائقن جي حالتن کي بهتر بڻائين، پنهنجن علائقن ۾ صحت، صفائي ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائين. پنهنجن علائقن ۾ روڊ، اسڪول ۽ ڪاليج ٺهرائين. انهن تمام تر ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ محنت ۾ ڪائي به ڪسر نه ڇڏين ۽ ڪنهن ماڻهو جو منھھ ڏسڻ جي بجاءِ تحريڪ جي ڪاميابي کي سامهون رکو. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان جو امتحان ختم ڪري، ظالمن تي پنهنجو عذاب نازل ڪري، اسان کي انصاف ڏياري، اسان جي شهيدن جي قربانين کي قبول فرمائي، تحريڪ جي ڪارڪنن جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻائي، انهن جي دلين کي صاف ڪري ۽ انهن کي دوستي، مٽي مائٽي ۽ ذاتي مفادن جي بهنور مان ڪڍي ۽ اسان کي ڪامياب ڪري. آمين.
*****