ايم ڪيو ايم جي وفد جي پيپلز پارٽي پارليمينٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم جي عيادت
ڪراچي: 3 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاليمينٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم جي اسپتال وڃي ڪري عيادت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، وسيم اختر، خواجه اظهار الحسن ۽ رئوف صديقي شامل هئا. ايم ڪيو ايم وفد امين فهيم جي عيادت جي موقعي تي انهن جي صاحبزادي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ امين فهيم جي علالت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد امين فهيم جي صاحبزادي کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائيندي انهن کي ٻڌايو ته امين فهيم جي صحت يابي جي لاءِ خانه ڪعبه ۾ به خصوصي دعا ڪرائي وئي آهي. ان موقعي تي امين فهيم جي صاحبزادي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي انهن جي به صحت و تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي.