آسٽريليا جي هائي ڪمشنرMargaret Adamson ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري برائي سياسي امور Matthew Mowtell ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو عزيز آباد جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار سان ملاقات ڪئي.
ڪراچي: 2 نومبر 2015
پاڪستان ۾ متعين آسٽريليا جي هائي ڪمشنر Margaret Adamson ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري برائي سياسي امور Matthew Mowtell ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق ۽ سينيٽر نسرين جليل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ان کان اڳ جڏهن مهمان نائن زيرو تي پهتا ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو . ملاقات کان پوءِ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زندگي تي ٻڌل ڪتاب سفر زندگي به پيش ڪئي وئي.
*****