Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت مذمت جو اظهار.
 Posted on: 11/2/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 2 نومبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ رينجر لياري سيڪٽر يونٽ 33 جي سابق يونٽ انچارج عمران ۽ ڪارڪنن منير ۽ گلفام کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اهڙي طرح ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 76 جي ذميوار عمران خان کي به سي آئي ڊي پوليس گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي مڪاني اليڪشن ۾ طاقت جي ذريعي دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ اهي گرفتاريون به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ ڪراچي آپريشن جي لاءِ قائم ڪيل شڪايات ازاله ڪميٽي کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين

6/30/2024 3:20:11 PM