Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ گاڏي هلائڻ تي شهرين جي گرفتاري جي فيصلي ۽ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ وارن شهرين تي پوليس جي طرفان تشدد ڪرڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.

 Posted on: 11/2/2015

ڪراچي: 2 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ گاڏي هلائڻ تي شهرين کي گرفتار ڪرڻ جي فيصلي ۽ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ وارن شهرين تي پوليس جي طرفان تشدد ڪرڻ  جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٽريفڪ جي قانونن جي پاسداري ۽ ڊرائيونگ لائسنس رکڻ هر شهري جو فرض آهي، ڇو ته ڊرائيونگ جي قانونن تي عمل ڪرڻ سان قيمتي جانيون بچن ٿيون ۽ حادثا به گهٽ ٿين ٿا. پر ڪروڙن جي آبادي جي شهر ۾ ماڻهن جو گهٽ مدي ۾ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ ناممڪن آهي ۽ ان ڳالھھ کي نظر ۾ رکندي ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي . رابطا ڪميٽي چيو ته ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جي قانون تي عمل ڪرڻ سٺي ڳالھھ آهي پر ان جو اطلاق صرف ڪراچي جي شهرين تي ڪرڻ وڏي ناانصافي ۽ ٻٽو معيار آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڊرائيونگ لائسنس جي فيصلي ۾ ان ڳالھھ جو خيال رکيو وڃي ته ڪٿي اهو فيصلو شهرين کان لٽ مار ۽ ڪرپشن جي نظر نه ٿي وڃي. ڇو ته ڊرائيونگ لائسنس جو فارم پهرين 20 روپين ۾ ملندو هو ۽ هاڻي اهو 150 روپين ۾ به وڏي مشڪل سان ملي رهيو آهي.جنهن سان شهرين کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جي تاريخ ۾ وڌ کان وڌ واڌ ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ خصوصي ڪائونٽر سڄي شهر ۾ قائم ڪيا وڃن ۽ شهرين تي تشدد ڪرڻ وارن پوليس اهلڪارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

6/30/2024 3:19:01 PM