Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مذهبي انتها پسندي ڪنهن به معاشري جي لاءِ گڏيل خودڪشي جي رجحان کان گهٽ نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مذهبي انتها پسندي  ڪنهن به معاشري جي لاءِ  گڏيل خودڪشي جي رجحان کان گهٽ نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/2/2015
مذهبي انتها پسندي  ڪنهن به معاشري جي لاءِ  گڏيل خودڪشي جي رجحان کان گهٽ نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي، پر ملڪ ۾ اڄ به صوبن  جي تعداد  اها ئي چار آهي.
ايم ڪيو ايم جمهوري، لبرل ۽ روشن خيال جماعت آهي.
سابق ميمبر قومي اسيمبلي سنجي پرواڻي  جي رهائشگاھ تي ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنس ڪميٽي جي ميمبرن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب.
لنڊن: 2 نومبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مذهبي انتها پسندي  ۽ مذهبي جنونيت ڪنهن به معاشري جي لاءِ خودڪشي جي رجحان کان هرگز به گهٽ نه آهي ۽ اهو رجحان باقي بچيل پاڪستان کي ڪمزور ۽ تباھ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفينس ڪلفٽن ۾ سابق ميمبر قومي اسيمبلي سنجي پرواڻي جي رهائشگاھ تي ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنس ڪميٽي جي ميمبرن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمايو . اجتماع ۾ معروف صنعتڪارن، واپارين، فلمي اداڪارن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن عمائدين کان علاوه رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ مستعفي ميمبرن به شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي پر ملڪ ۾ اڄ به صوبن جي تعداد  اها ئي چار آهي، جيڪا اڄ کان 68 سال اڳ هئي. پنجاب جيتري آبادي جا دنيا ۾ پنجاھ کان وڌيڪ ملڪ آهن، وقت جو تقاضا آهي ته گڊگورننس، پاڪستان جي بقا و سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ نوان صوبا بڻايا وڃن ته جيئن عوام جي محرومين جو خاتمو ٿي سگهي، ملڪ ۾ امن و امان جي فضا بهتر بڻائي سگهجي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اضافو ٿي سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته معاشري جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعليم تمام ضروري آهي. پر اهڙي تعليم جيڪا انسان جي فرسوده مائنڊ سيٽ کي تبديل نه ڪري سگهي ۽ انسان کي سٺي ۽ خراب جو فرق نه سيکاري سگهي ته ان جو ڪوئي به فائدو نه آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ مذهبي انتها پسندي کي فروغ ڏنو پيو وڃي، پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ قتل ڪرڻ وارو وڏي فخر سان ان جي ذميواري قبول ڪري ٿو، پر جڏهن قتل جي ڏوهاري کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ته تعليم يافته وڪيلن جي طرفان به قتل جي ڏوهاري جو استقبال ڪيو وڃي ٿو ۽ ان تي گل نچاور ڪيا وڃن ٿا. صورتحال اها آهي ته جڏهن جج  ان انتها پسند جي مقدمي کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي ايتريون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون جو اهو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند، لبرل ۽ روشن خيال جماعت آهي.مان ڪڏهن به اهو نه چيو آهي ته مذهب کي نه مڃيو بلڪه مان هميشه سمورن مذهبن ۽ سمورن مڪاتب فڪر جي ماڻهن جي احترام جو درس ڏنو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته مان پاڪستان جي سمورن شهرين کي بغير ڪنهن رنگ و نسل، زبان، مسلڪ، عقيدي ۽ مذهب جي فرق ڪرڻ کان سواءِ برابر جو شهري سمجهان ٿو. منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان لفظ اقليت ختم ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ رهڻ وارن سمورن شهرين کي بغير ڪنهن فرق جي برابر جو پاڪستاني سمجهيو وڃي.جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن مان مذهب، مسلڪ ۽ عقيدي جي بنياد 
تي تفريق جي خاتمي جي ڳالھھ ڪئي ته مون کي اسلام دشمن قرار ڏنو ويو، مان چيو ته طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي ۽ طالبان دهشت گرد فاٽا کان ڪراچي سميت هرهنڌ ڇائنجي رهيا آهن ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ منهنجين ڳالهين کي غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪراچي ۾ ڪائي به طالبانائيزيشن نه ٿي رهي آهي. اهڙي طرح جڏهن مان ڪراچي ۾ داعش جي موجودگي جي ڳالھھ ڪئي ته چيو ويو ته الطاف حسين ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. انهن فرمايو ته مان دعوٰي سان چوان ٿو ته صفورا ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري جي بس تي وحشياڻو حملو ۽ بي گناھ شهرين جي وحشياڻي قتلن ۾ داعش جا دهشت گرد ملوث هئا. القائده ، طالبان ۽ داعش جا ماڻهو جماعت اسلامي جي گهرن ما گرفتار ڪيا ويا. پر جماعت اسلامي کي دهشت گرد قرار نه ٿو ڏنو وڃي. جناب  الطاف حسين فرمايو ته اسان پنهنجي گهٽ عقلي جي ڪري اڌ ملڪ وڃائي چڪا آهيون. جيڪڏهن الطاف حسين جهڙن محب وطن ماڻهن کي ڪناري تي لڳائي ڪري چورن ۽ ڌاڙيلن کي شريف قرار ڏنو ويندو ته باقي بچيل پاڪستان جو الله ئي حافظ آهي. الطاف حسين تي هر قسم جو ڪوڙو الزام عائد ڪيو ويو آهي. پر مون تي ڪوئي به ڪرپشن جو الزام لڳائي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن مان چاهيان ها ته ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ محل ٺاهي سگهان پيو پر مون کي محلن جي ضرورت نه آهي. ڇو ته مان پنهنجن چاهڻ وارن جي دلين ۾ رهان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجيون ڳالهيون سخت ضرور آهن  پر سچائي تي ٻڌل آهن، جاگيردار ۽ وڏيرا پاڻ کي محب وطن قرار ڏيئي ڪري ملڪ اڏهي وانگر چٽي رهيا آهن. پر مان انهن جي مخالفت جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ۽ سچ ڳالهائي ڪري ملڪ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس. انهن فرمايو ته اهو سراسر ظلم ۽ نسل پرستي وارو عمل آهي ته الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي وڃي. پر ٻئي طرف عالمي سطح تي جن تنظيمن کي دهشت گرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن کي ته پاڪستان ۾ کليل آزادي ڏني وئي آهي. جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪئي ته اهي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. حق پرست عوامي نمائندا انهن کي مايوس نه ڪندا. اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي جناب الطاف حسين شرڪاء  جي مختلف سوالن جا جواب به ڏنا.
*****

7/18/2024 6:25:19 AM