سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جو ناظم آباد ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو دورو.
ڪراچي: 3 نومبر 2015
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر ريحان ظفر ناظم آباد ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود سوين ماڻهن کان ڊرائيونگ لائسنس جي مسئلن جي باري ۾ ڄاڻ ورتي ۽ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو جائزو به ورتو ۽ آفيسرن کي ڊرائيونگ لائسنس برانچ ۾ ٽوڪن سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز به ڏني. ان موقعي تي خواجه اظهار الحسن ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جي لاءِ ميرٽ جو خيال رکيو وڃي ۽ سفارش ۽ پرچين جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ پنج ڊرائيونگ لائسنس جون برانچون قائم ڪيون وڃن ۽ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جو اطلاق صرف ڪراچي جي شهرين تي ئي نه بلڪه پوري سنڌ ۾ لاڳو ڪيو وڃي. انهن ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ وقت شهرين تي پوليس جي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پوليس جي طرفان تشدد جو عمل غير مناسب ۽ غير اخلاقي آهي.
*****