Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين هڪ عهد ساز ۽ ڪرشمه ساز شخصيت آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.


جناب الطاف حسين هڪ عهد ساز ۽ ڪرشمه ساز شخصيت آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
 Posted on: 11/3/2015
جناب الطاف حسين هڪ عهد ساز ۽ ڪرشمه ساز شخصيت آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن جي خواهش رکي ٿي. سي اي سي انچارج وسيم اختر.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪورنگي ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 3 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هڪ عهد ساز ۽ ڪرشمه ساز شخصيت آهن. جيڪي ملڪ ۾ فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو ڪري سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪورنگي ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر، حق پرست اسيمبلي ميمبر سردار احمد، معين پيرزاده، شيراز وحيد، وقار شاھ ۽ محترمه هير سوهو به موجود هئي. عبدالحسيب چيو ته جناب الطاف حسين نوٽن سان ڀريل بيگ ۽ نوٽن ڏيڻ وارن کي ٽڪرائي ڇڏيو ۽ ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ نه وڪامجڻ ۽ نه جهڪڻ جي انهن هڪ مثال قائم ڪئي. جنهن کان سمورين سياسي جماعتن جا ليڊر محروم آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ حق پرستي جو سج ضرور اڀرندو ۽ حق پرست شهيدن جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون. ان موقعي تي خطاب ڪندي سي اي سي انچارج وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن جي خواهش رکي ٿي. ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي ڇڻڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي دشمنن سڄي شهر ۾ دهشت گردي ۽ ٻين ڏوهن جي وارداتن کي جواز بڻائي ڪري انهن کي ايم ڪيو ايم جي متان ٿوپڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. پر جڏهن ته ماضي گواھ آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ هئي ته شهر ۾ ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڏوهن جي وارداتن جو ڪوئي به وجود نه هو، اهي ڏوهن جون وارداتون هڪ مخصوص ڏوهاري طبقي جي تحت ڪرايون ويون ۽ ان ڏوهاري طبقي کي هڪ حڪمران جماعت جي سياسي سرپرستي حاصل هئي. جلسي کي ٻين به خطاب ڪيو.
*****


6/30/2024 3:16:17 PM