Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان کي پنهنجين غلطين جو ادراڪ آهي، سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جو فائدو مذهبي انتها پسندن کي پهچي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


اسان کي پنهنجين غلطين جو ادراڪ آهي، سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جو فائدو مذهبي انتها پسندن کي پهچي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 11/1/2015
اسان کي پنهنجين غلطين جو ادراڪ آهي، سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جو فائدو مذهبي انتها پسندن کي پهچي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
خيرپور ۾ 12 ماڻهو هلاڪ ٿيا ۽ لاهور ۾ سياسي آفيسن مان جديد هٿيار نڪتا پر انهن تي ڪنهن به ڳوڙ نه ڪيو
1992 ۾ اسان جي خلاف آپريشن ڪيو ويو ۽ آپريشن ڪندڙن 17 سالن کان پوءِ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو، 2015 جي آپريشن کان پوءِ به ائين ئي ٿيندو
حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سنجي پرواڻي جي گهر تي منعقده هڪ تقريب کي خطاب
ڪراچي: پهرين نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اڄ پوري دنيا جي سوچ ۽ اسان جي سوچ ۾ فرق اهو آهي ته اسان کي پنهنجين غلطين جو احساس ڪرڻ ۾ ڏهاڪا لڳي وڃن ٿا.1970 ۾ پاڪستان جي تقسيم اسان جي غلطي هئي، جنهن جو ادراڪ ڪرڻ ۾ اسان کي ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويا. جڏهن ته دنيا جا ٻيا معاشرا پنهنجين غلطين جو فوري طور تي ادراڪ ڪري پنهنجي اصلاح ڪن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفينس ۾ حق پرست ايم اين اي سنجي پرواڻي جي طرفان منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهو جواز ڏنو ويو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم وٽ هڪ لک ڪلاشنڪوفون آهن. پر حقيقت ۾ اهڙو ڪجھھ به نه هو ۽ 17 سالن کان پوءِ آپريشن ڪرڻ واري بريگيڊيئر امتياز ٽي وي تي اچي ڪري پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو ، اهڙي طرح حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ملوث ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي جنهن جي بعد ۾ معافي به ورتي وئي. اڄ وري ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن ۽ مختلف ڪهاڻيون گهڙيون پيون وڃن ، اسان کي يقين آهي ته ڪجھھ سالن کان پوءِ آپريشن ڪرڻ وارن کي وري پنهنجي غلطي جو احساس ٿيندو.انهن چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهرن تي 4000 هزار کان وڌيڪ ڇاپا هنيا ويا پر ڪنهن به هڪ  هنڌ کان ڪائي هڪ به گولي نه هلي ۽ رياستي ادارن جي ڪنهن به ماڻهو سان مزاحمت نه ڪئي وئي. جڏهن ته پابندي وڌل تنظيمن جي علائقن مان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن تي جوابي حملا ڪيا ويا. خيرپور ۾ فائرنگ ڪري 12 ماڻهن کي هلاڪ ڪيو ويو ، لاهور ۾ مختلف سياسي جماعتن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا  ۽ انهن جي آفيسن مان جديد هٿيار مليا پر ڪنهن به ان تي ڳوڙ نه ڪيو. انهن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت صحيح معنٰي ۾ نافذ نه آهي. جنهن جو نقصان عوام کي ٿي رهيو آهي. اڄ به ڪراچي ۾ طالبان ۽ القائده جا نيٽ ورڪ موجود آهن. پروفيسر شڪيل اوج جي پٽ هڪ چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته  انهن جي والد کي القائده شهيد ڪيو آهي پر انهن جو قتل به ايم ڪيو ايم تي وڌو پيو وڃي. انهن چيو ته  اسان اعتراف ڪريون ٿا ته اسان کان به غلطيون ٿيون آهن ۽ جيڪڏهن اسان جي جماعت مان ڪنهن هڪ به قانون ٽوڙيو آهي ته اسان پنهنجي اندران خراب ماڻهن کي صاف ڪرڻ جي لاءِ انهن کي رضاڪارانه طور تي پاڻ پيش ڪنداسين. پر اسان سان تعاون نه پيو ڪيو وڃي. انهن چيو ته اسان  جي بي گناھ ڪارڪنن کي به گرفتار ۽ انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي. جنهن جو فائدو مذهبي انتها پسندن کي ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ سمورن مذهبن ۽ زبانون ڳالهائڻ وارن جو احترام ڪري ٿي ۽ مذهب جي بنياد تي تقسيم نه ٿي ڪري. جناب الطاف حسين جي تقريرن تي پابندي جو مقصد عوام کي حقيقت کان پري ڪرڻ آهي. پر جناب الطاف حسين ۽ عوام جو رابطو ڪڏهن به ختم ڪري نه ٿو سگهجي. ان کان پوءِ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي علي راشد به خطاب ڪيو.


7/18/2024 6:35:32 AM