ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي نون چونڊيل عهديدارن جي پاپوش نگر قبرستان ۽ يادگار شهداء حق تي حاضري.
ڪراچي: پهرين نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ ليبرڊويزن جي نئين چونڊيل ڪميٽي جي انچارج ۽ ميمبرن پاپوش نگر قبرستان ۾ حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم، والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه ، ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائيٽي عارف حسين شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي قبرن تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان کان پوءِ انهن جناح گرائونڊ ۾ يادگار شهداء حق تي حاضري ڏني ۽ شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****