Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرستي جو پيغام تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


حق پرستي جو پيغام تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/1/2015
حق پرستي جو پيغام تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن پوري ملڪ کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿيندو.
سکر ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: پهرين نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حق پرستي جو پيغام تيزي  سان ڦيلجي رهيو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن پوري ملڪ کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿيندو ۽ سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن سکر ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، سي اي سي ميمبر، سنڌ تنظيمي ڪميٽي ۽ سکر جي زونل ڪميٽي به موجود هئي.. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ سکر کان ايم ڪيو ايم جي چونڊيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي ڪاميابي تي الله تعالٰي جو شڪر ۽ سکر جي عوام جو دلي شڪريو ادا ڪندي فرمايو ته سکر جي حق پرست عوام ايم ڪيو ايم تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي يوسي 5 کان چيئرمين فريد صديقي، وائيس چيئرمين ماجد ملڪ ۽ ٻن ڪائونسلرن کي ڪامياب بڻايو آهي. اهڙي طرح يوسي 12 کان چيئرمين سيد نسيم هاشمي، وائيس چيئرمين محمد شاهد مغل ۽ ٻن ڪائونسلرن کي ڪامياب بڻايو آهي. جڏهن ته يوسي 13 کان چيئرمين محمد ياسين آرائين، وائيس چيئرمين نثار احمد ۽ ٻن ڪائونسلرن کي ڪامياب بڻايو آهي. اهڙي طرح يوسي 14 مان چيئرمين آصف علي، وائيس چيئرمين محمد علي شيخ ۽ ٻن ڪائونسلرن کي ڪامياب بڻايو آهي. جنهن تي مان سکر جي عوام ۽ سمورن ڪارڪنن کي زبردست مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين نون چونڊيل مڪاني نمائندن کي تاڪيد ڪئي ته اهي پنهنجن پراون سڀني جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن ۽ سڀني جا مسئلا حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪن. پنهنجي ذات ۽ معيار زندگي کي بهتر بڻائڻ جي بجاءِ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائين. انهن جي پريشانين ۽ مسئلن کي دور ڪن ۽ سڀني  جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. ڇو ته اهو ئي حق پرستي جو پيغام، الله تعالٰي جو فرمان مبارڪ ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جون تعليمات مبارڪ آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ حالتن جي ڏاڍ جو شڪار آهن. پر 26 آڪٽوبر تي جڏهن پاڪستان ۾ زلزلو آيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ ڪي ڪي ايف جا رضاڪار هڪ ڀيرو ٻيهر خلق خدا جي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪري زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سامان گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا ۽ انهن جي امدادي سرگرمين کي ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي وي جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڏيکاريو پيو وڃي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي سمورن ساٿين جي قربانين ۽ محنت کي قبول فرمائي ۽ انهن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.آمين. 
*****

7/18/2024 6:28:36 AM