قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خواتين ڪارڪنن جي لاءِ 7 نومبر جي شام تي عزيز آباد ۾ حليم جو اهتمام ڪيو ويندو
لنڊن: 31 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان 7 نومبر بروز ڇنڇر تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ حليم جو اهتمام ڪيو ويندو. اها ڳالھھ جناب الطاف حسين نائن زيرو تي اجتماع کي خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اهي ڇنڇر جي صبح کان ئي حليم جي تياري شروع ڪري ڇڏين ۽ شام جو شعبه خواتين جي سمورين ڪارڪنن کي مدعو ڪن. جناب الطاف حسين جي اعلان تي شعبه خواتين جي ڪارڪنن زوردار تاڙيون وڄائي ڪري ان اعلان جو خير مقدم ڪيو ۽ جناب الطاف حسين جي حق ۾ زوردار نعرا به هنيا.